6سالن کان پوءِ ٻيهر ٽيمن ۽ ملڪن جو گڏ ٿيڻ خوشي جي ڳالهه آهي:پاڪستاني شائقين

لاهور(اسپورٽس نيوز)زمبابوي  جي ٽيم ٽاسڪ کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، شاهد آفريدي پاڪستاني ٽيم جي ڪپتاني ڪري رهيو آهي، جڏهن ته زمبابوي ٽيم جي ڪپتاني ايلٽون ڪري رهيو آهي.راند شروع ٿيڻ کان اڳ ٻنهي ملڪن جو قومي ترانو وڄايو ويو. پاڪستان جو صدر ممنون حسين راند ڏسڻ لاءِ قذافي اسٽيڊيم  پهتو  ۽ ٽيم جو حوصلو وڌايو.شوقنين جو وڏو انگ اسٽيڊيم ۾ موجود آهي.اسٽيڊيم آيل راند جي شوقينن جو چوڻ آهي ته 6سالن کان پوءِ ٻيهر ٽيمن ۽ ملڪن جو گڏ ٿيڻ خوشي جي ڳالهه آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *