5 قيدين کي ڦاهي تي عملدرآمد روڪڻ جون درخواستون رد، موت جي سزا جو فيصلو برقرار

لاهور (بيورو) لاهور هاءِ ڪورٽ 5 دهشتگردن جي ڦاهي خلاف داخل درخواستون خارج ڪري ڇڏيون. لاهور هاءِ ڪورٽ جي راولپنڊي بئنڇ جي جج جسٽس ارشد محمود تبسم گجرات ۾ فوجي ڪيمپ تي حملي ۽ واهه فيڪٽري ڌماڪي ۾ ملوث احسان عظيم، عمر نديم، آصف ادريس، ڪامران اسلم ۽ عامر يوسف جي وارثن جي درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻيءَ دوران وفاق پاران ڊپٽي اٽارني جنرل ساجد الياس ڀٽي دليل ڏيندي چيو ته 5 ئي قيدين چناب پل تي حملو ڪيو هو، جنهن ۾ 7 فوجي شهيد ٿيا هئا.ڊپٽي اٽارني جنرل ، عدالت کي آگاهي ڏني ته 5 ئي قيدين کي موت جي سزا ٻڌائي وئي آهي جن تي عملدرآمد  ٿيڻ هو پر عدالت اسٽي آرڊر جاري ڪري ڇڏيو آهي. ڊپٽي اٽارني جنرل چيو ته قيدين کي اپيلن جو پورو حق ڏنو ويو هو پر سندن درخواستون رد ٿي چڪيون آهن، عدلت کي استدعا آهي ته قيدين جي ڦاهي تي عملدرآمد روڪڻ وارو حڪم معطل ڪ ڪيو وڃي. عدالت، درخواست تي دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو بعد ۾ ٻڌايو ويو.  ڌرين جو موقف ٻڌڻ کانپوءِ عدالت ڦاهي جي سزا خلاف درخواستون خارج ڪري ڇڏيون. واضح رهي ته 5 ئي جواندارن کي 22 ڊسمبر تي لکپت جيل ۾ ڦاهي ڏيڻي هئي ۽ انهيءَ سلسلي ۾ سندن بليڪ وارنٽ به جاري ٿي چڪا هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *