5 ماڻهن پاران وزيراعظم کي 5 منٽن ۾ فارغ ڪرڻ ووٽرز جي توهين آهي: نواز شريف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي ترقيءَ لاءِ ڪم ڪري رهيو هيس، اسپتالون ۽ موٽر ويز بڻائي رهيو هيس، بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو هيس، دينا ۾ خطاب ڪندي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو ته 5 ماڻهو وزيراعظم کي 5 منٽن ۾ فارغ ڪري ڇڏين ٿا، ڇا اها پاڪستان جي ووٽرز جي توهين ناهي؟، هن چيو ته نواز شريف کي اها سزا ڇو ڏني وئي؟، ستر سالن کان تماشو هلي رهيو آهي، اهو بند ٿيڻ گهرجي يا نه؟، اوهان منهنجو ساٿ ڏيندئو، تقدير الله سائين بدلائيندو آهي پر ماڻهن ذريعي بدلائيندو آهي، پاڪستان جي تقدير بدلائڻ لاءِ ساٿ ڏيندئو؟، هي مون کي انعام ڏنو ويو آهي ملڪ جي خدمت جو، ڇا هي سزا آهي يا جزا آهي؟، پاڪستان جو دستور ۽ پاڪستان جو طريقيڪار بدلائڻو پوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *