5 سال ته پري جي ڳالهه آهي حڪومت ايندڙ پنج مهينا به ڪڍندي نظر نه پئي اچي: راجا پرويز اشرف

لاهور (اين اين آءِ) اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف چيو اهي ته پنج سال ته پري جي ڳالهه آهي حڪومت ايندر پنج مهينا به ڪڍندي نظر نٿي اچي حڪومت جي هن وقت تائين جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ آهي 8 مهينا گذرڻ جي باوجود ڪيل واعدا پورا ناهن ٿي سگهيا وزيراعظم جي ايران جي دوري دوران غير ذميوارن بيانن سان پاڪستان جي عالمي سطح تي بدنامي ٿي آهي اهڙن خيالن جو اظهار هن گيپڪو ۾ غيرقانوني ڀرتين جي ڪيس جي احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو راجا پرويز اشرف چيو ته رڳو تنقيد جو قائل نه آهيان پر 8 مهينا گذرڻ جي باوجود واعدا ڪيا ويا اهي پورا ڇو نه ٿي سگهيا بجلي ۽ گئس اگهن ۾ لاٿ، پنج لک گهر ۽ نوڪريون نه ملي سگهيون هن وقت تائين جي حڪومت جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ آهي ڪاروبار ختم ٿي چڪو مهانگائي آسمان سان ڳالهيون ڪري رهي آهي 20 هزار رپيا ڪمائڻ وارو گهر هلائي وٺندو هو پر اڄ ان شخص کي 60 هزار رپيا گهرجن هي ماڻهن جي جذبن سان کيڏي حڪومت ۾ آيا هئا حڪومت ۽ ان جي ٽيم ناڪام ٿي  چڪي اهي هن چيو ته بلاول ڀٽو پارليمان ۾ چيو هو ته موجوده حڪومت ۾ مشرف حڪومت جا ماڻهو اچي رهيا آهن ڇا موجوده حڪومت جا وزير ايترا مهانڊا آهن جو هن ڏکئي دور ۾ حڪومت هلائي سگهن. چار، ڇهه مهينا گذريل حڪومتن کي گاريون ڏيئي گذارو ڪري سگهن ٿا اسان ته مايوس هئاسين پي ٽي آءِ جو ووٽر به مايوس آهي ٻين پارٽين مان آيل ماڻهن کي وزارتون ڏنيون ويون آهن موجوده حڪومت جي ڪابه ڪارڪردگي نه آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *