5 ارب رپين جي ڪرپشن: شرجيل ميمڻ اسلام آباد ايئرپورٽ تان گرفتار ۽ آزاد

اسلام آباد (اين اين آءِ) اسلام آباد ايئرپورٽ تان گرفتار ڪيل پ پ اڳواڻ شرجيل ميمڻ کي آزاد ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب شرجيل ميمڻ جا ڪاغذ ڏسي ان کي آزاد ڪيو ويو، مڪيش ڪمار چاولا تصديق ڪئي آهي ته شرجيل کي آزاد ڪيو ويو آهي، شرجيل ميمڻ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته پنهنجو موقف ميڊيا جي اڳيان پيش ڪندس، هن چيو ته وڪيلن سان صلاح مشورو جاري آهي جنهن کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائڻ دوران عوام کي صورتحال کان آگاهه ڪندس، ان کان اڳ پ پ اڳواڻ کي دبئي مان وطن واپسي تي اسلام آباد ايئر پورٽ تي حراست ۾ ورتو ويو هو، سادو لباس پهريل اهلڪارن جهاز کان ٻاهر ايندي ئي شرجيل ميمڻ کي حراست ۾ ورتو ان دوران هڪٻئي سان منهن ماري ڪئي، ذريعن موجب نيب اهلڪارن شرجيل ميمڻ کي حراست ۾ ورتو هو، شرجيل ميمڻ کي نيب ڪرائيم ونگ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر سميت 6 اهلڪار گڏ وٺي ويا هئا، نيب ذريعن موجب شرجيل کي گرفتار نه ڪيو هو صرف پڇا ڪرڻ لاءِ ان کي گڏ وٺي ويا هئاسين، شرجيل ميمڻ نيب ڪراچي کي گهربل هو، ڪراچي جي نيب جي اطلاع تي راولپنڊي جي نيب ڪارروائي ڪئي. پ پ اڳواڻ شرجيل ميمڻ پاڻ تي لڳايل ڪرپشن بابت الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته سمورن ڪوڙن الزامن سان منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان آيو آهيان، جيڪڏهن منهنجي گهر مان هٿ ڪيل 2 ارب لاءِ چيو ويو ته اهي ڪٿي  آهن ۽ ڪهڙي اداري وٽ آهن، ڪرپشن الزام ثابت ٿي وڃن ته عدليه بيشڪ ڦاهي تي چاڙهي، نيب جو ادارو صرف سنڌ ۽ پ پ لاءِ ٺهيو آهي، مون کي گرفتار نه اغوا ڪيو ويو، پاڪستان ۾ هر شخص لاءِ الڳ قانون آهي، پاناما لاءِ الڳ ۽ پ پ لاءِ الڳ قانون آهي، پاڻ سان غير قانوني ورتاءُ ڪندڙن کي معاف ڪيان ٿو، منهنجي گرفتاري جو طريقو غلط هو، پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ گذريل رات اسلام آباد ايئر پورٽ تان پنهنجي گرفتاري ۽ آزادي جي حوالي سان تفصيلي آگاهه ڪيو ان پاڻ تي لڳل الزامن جي به وضاحت ڪئي. هن چيو ته منهنجو نالو اي سي ايل ۾ نوٽيفڪيشن کانسواءِ وڌيو ويو ڪنهن به کاتي نوٽيس نه موڪليو هو، نه اهو ٻڌايو ته منهنجي خلاف انڪوائري ٿي رهي آهي، هن ٻڌايو ته آگسٽ 2015 کان منهنجو ڪراچي ۾ علاج هلي رهيو هو، ڊاڪٽرن جي چوڻ تي علاج لاءِ ملڪ کان ٻاهر ويو هيس، هن چيو ته جنهن ڏينهن منهنجي گهرمان 2 ارب هٿ ٿيڻ جون خبرون ميڊيا تي آيون ان ڏينهن پيمرا جي موجوده چيئرمين مون کي فون ڪيو ۽ تصديق گهري پر مون کي چٽي چيو ته اهڙو ڪجهه به نه آهي، هن چيو ته جنهن ٽي وي چينل گهر تي ڇاپو ۽ 2 ارب رپيا هٿ ٿيڻ جون خبرون هلايون ان جي شڪايت به پيمرا سان ڪئي پر هن وقت تائين ڪو به جواب نه آيو آهي. هن چيو ته اي سي ايل ۾ انهن ماڻهن جو نالو وڌو وڃي ٿو جيڪي ملڪ ۾ موجود هوندا آهن، جڏهن ته ان جو نالو اي سي ايل ۾ ان جي پرڏيهه وڃڻ جي 2 مهينن کانپوءِ وڌيو ويو، جنهن ڏينهن ان جو نالو اي سي ايل ۾ وڌو ويو ان جي ٻئي ڏينهن ان جي وڪيل سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو ۽ پڇاڻُو ڪيو ته ڪهڙن سبب ڪري ان جو نالو اي سي ايل ۾ وڌو ويو، پرڏيهه قيام دوران لنڊن ۽ دبئي جي اسپتالن ۾ علاج هيٺ رهيس ۽ ميڊيڪل رپورٽون به عدالت کي فراهم ڪندو رهيس جنهن جي بنياد تي ان کي ضمانت ملندي رهي، ڇا نيب صرف پ پ لاءِ ٺهي آهي، هن چيو ته جيستائين اعليٰ عدالت نيب کان ميگا ڪرپشن جا تفصيل گهريا ته لسٽ پيش ڪئي وئي، ان ۾ نواز شريف ۽ اسحاق ڊار ۽ ٻين جا نالا هئا پر انهن جا نالا اي سي ايل ۾ نه وڌا ويا. هن چيو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ قانون سڀني لاءِ هڪ آهي ته انهن ماڻهن جا نالا ڇو نه اي سي ايل ۾ وڌا ويا جيڪي ملڪ ۾ هئا، هن چيو جيڪڏهن نيب ۾ همت آهي ته هو وزيراعظم نواز شريف ۽ حڪومتي ميمبرن جو نالو اي سي ايل ۾ وجهي، جڏهن نيب سپريم ڪورٽ ۾ لسٽ پيش ڪئي ته ان کانپوءِ اسپيڪر اياز صادق ۽ پرويز رشيد نيب جي خلاف بيان ڏنا هئا، ان وقت وزيراعظم نواز شريف به نيب خلاف بيان ڏنا هئا جنهن کانپوءِ نيب پنجاب ۾ بلڪل خاموش ٿي وئي، شرجيل ميمڻ چيو ته منهنجي خلاف ڪرپشن ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو آڪٽومبر 2016 ۾ ڪيو ويو ۽ ان سلسلي ۾ نه ئي منهنجو موقف ورتو ويو ۽ نه ئي ڪو نوٽيس ڏنو ويو، هن الزام مڙهيو ته ان جو تعلق پ پ سان آهي ۽ پ پ وارن لاءِ ملڪ ۾ قانون مختلف آهي، هن چيو ته مون کي عدالتن تي ڀروسو آهي، هو عدالت ويندو جيڪڏهن ڏوهاري قرار ڏنو ويو ته هو ڪنهن کان رحم جي اپيل نه ڪندو ۽ سزا ملڻ گهرجي، هن چيو ته جهڙي طرح مون کي ساده لباس پهريل اهلڪار وٺي ويا مان ان کي گرفتاري نه پر اغوا چوندس، هو ساده لباس اهلڪارن کان انهن جو تعارف پڇندو رهيو پر انهن ٻڌايو ته اهي ڪير آهن، جڏهن ته ضمانت جا ڪاغذ انهن وٽ موجود هئا، تعارف ڪرائڻ کانسواءِ اهلڪار کنڀيو، پهريان هڪ گاڏي ۾ ويهاريو ويو پوءِ ٻي گاڏي ۾ ويهاريو ويو، جيڪڏهن گرفتار ڪرڻو هو ته ان جو ڪو مهذب طريقو هوندو آهي، گرفتار ڪرڻ کان ڪنهن منع ناهي ڪيو، جيڪڏهن عدالت مان ضمانت ملي وئي ته روز نيب ۾ پيش ٿيندو رهندس، 5 هزار سوال پڇيا ويندا تڏهن به جواب ڏيندس، منهنجي گرفتاري جو طريقو غلط هو، نيب وارن جو سينو ٿڌو ٿي ويو، الله انهن کي خوش رکي مان انهن کي معاف ڪريان ٿو، مون کي ڄاڻ آهي ته نيب جو رول ڪهڙو آهي، جيڪڏهن هن ملڪ ۾ قانون هڪ آهي ته ميگا اسڪينڊل وارن جا نالا اي سي ايل ۾ نه وڌا ويا، نواز شريف، شهباز شريف جا نالا ته اي سي ايل ۾ نه وڌا ويا، جيڪڏهن نيب جي چيئرمين ۾ ايتري همت آهي ته وزيراعظم جو نالو اي سي ايل ۾ وجهي، هن چيو ته نيب کي سڀ ڪارروايون صرف سنڌ ۾ ڪرڻيون آهن، ڇا پاڪستان ۾ پنجاب نٿو اچي، نيب کي طاقت نه آهي ته پنجاب ۾ گهڙي ڏيکاري، رانا مشهود جي وڊيو ڪير به نٿو ڏسي، ڪو هڪ ادارو چوي ته ان نوٽيس موڪليو ۽ مان نه آيس، مان جهاز مان لٿس ۽ اوچتو 8 کان 10 ماڻهو اڳيان اچي ويا، مون صرف هڪ سوال پڇيو ته توهان ڪير آهيو پر ٻڌايو نه ويو، هن چيو ته اهو جهنگ جو قانون آهي، ڇا هو اسان کي چهرن سان نه پيا ڄاڻين، هن چيو ته اسلام آباد ۾ چوڌري نثار ۽ شريف ڀائرن جي مهمان نوازي تي ٿورائتو آهيان جيڪي ماڻهو مون کي وٺي ويا انهن غلط ورتا ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *