44 نالا صاف ڪيا اها به ڳالهه ڪيو، وزيراعظم رڳو اعلان نه ڪم به ڪري: سنڌ حڪومت

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) صوبائي زوير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته 3 نالن جو ذڪر ڪندڙ سنڌ حڪومت جي صاف ڪيل 44 نالن جو به ذڪر ڪن. ڪراچي واٽر بورڊ موبائل سروس جي ٻيهر شروعات ڪري ڇڏي، مرڪزي آفيس ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ڪراچي جي شهرين جي بهتري لاءِ هڪ قدم کنيو آهي. هن چيو ته ايپ جي ذريعي چيڪ اينڊ بيلنس رکيو ويندو، واٽر بورڊ آفيسرن کي نئين سسٽم تي مبارڪون ڏيان ٿو. صوبائي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته عوام جي سهولت جي لاءِ گهڻا پروگرام شروع ڪيا، ڪو به نئون ٽيڪس ناهي لڳايو ۽ نه ئي ڪنهن ٽيڪس ۾ واڌ ڪئي پئي وڃي. سندس چوڻ هو ته ڪي اليڪٽرڪ ذريعي ٽيڪس ڪليڪشن جو مقصد اهو آهي ته رقم خزاني ۾ گڏ ڪري سگهجي. پنهنجي خطاب ۾ هن چيو ته ناگن چورنگي تي ڪجهه ماڻهو گهڻيون وڊيو ٺاهيون آهن، گرين لائين جي اسٽرڪچر جي ڪري هڪ پاسي پاڻي گڏ ٿيل هو، پر اها به ڪجهه ماڻهن جي شرارت هئي، مسئلو حل ٿيڻ تائين ايڊمنسٽريٽر اتي ئي رهيو. ناصر حسين شاهه جو چوڻ هو ته هڪ جاءِ کي بلاڪ ڪيو ويو، انکي به کولرايو ويو، ٽيپو سلطان روڊ تي به لٺيون ڦاسايون ويون، جڏهن اهي ڪڍيون ويون ته پاڻي نڪري ويو. صوبائي وزير چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ 3 نالن جي صفائي جو ڪريڊٽ کنيو پئي ويو، هاڻي اها نالا ڪٿي آهن؟، 3 نالن جو ذڪر ڪيو ٿا ته 44 نالن جو به ذڪر ڪيو جيڪي سنڌ حڪومت صاف ڪيا آهن. هن چيو ته ڊي ايم سيز جا 500 نالا به سنڌ حڪومت ئي صاف ڪيا، آڪٽوبر جي آخر تائين ڪراچي جي ڪچري مان جند آجي ڪرائينداسين. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته وزيراعظم کي چئون پيا ته رڳو اعلان نه ڪري ڪم به ڪري، ڪي سي آر اها ئي آهي جيڪا اڳوڻي حڪومتي دور ۾ به شروع ڪرڻي هئي. پيپلزپارٽي اڄ به مردم شماري خلاف ڳالهائيندي آهي، انکي بهتر ڪيو وڃي، ان حوالي سان سنڌ حڪومت تيار آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *