40 کان 45 سالن تائين صدارتي نظام رهيو ۽ معيشت تباهه ٿي، سياستدان خودمختيار هجن ته معيشت آسمان تي پهچي ويندي: خورشيد شاهه

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته  جيڪڏهن سياستدان خودمختيار ٿي وڃن ته معيشت ٽن سالن ۾ آسمان تي پهچي ويندي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته صدارتي نظام سان ملڪ ٻه ٽڪرا ٿيو، ٽيڪنوڪريٽ حڪومت کي مسلسل ناڪاميون مليون، پاڪستان جي ترقي لاءِ سياستدانن کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي، سياستدانن کي خودمختياري ملڻ گهرجي، سياستدان خودمختيار ٿي وڃن ته معيشت ٽن سالن ۾ آسمان تي پهچي ويندي. هن چيو ته 40 کان 45 سالن تائين صدارتي نظام رهيو ۽ معيشت تباهه ٿي، جڏهن جڏهن سولين ناڻي وارو وزير آيو ته معيشت بهتر ٿي، ناڻي واري وزير طور لياقت علي خان، ڊاڪٽر مبشر ۽ ياسين وٽو جي بجيٽ تاريخ ۾ بهتر رهي ملڪ جي تباهي تڏهن کان شروع ٿي جڏهن ڊاڪٽر محبوب الحق جي ڊاڪٽريٽ اچي وئي.  خورشيد شاهه چيو ته عمران خان جي حڪومت رهندي يا نه غير يقيني جون ڳالهيون نه ڪرڻ گهرجن، ڪرپشن ۾ ملوث وزير عمران خان جي ڪابينا ۾ ڪيئن آيا ۽ ڇو آيا، تحريڪ انصاف اڳواڻ به هاڻي اها ڳالهه پڇڻ شروع ٿي ويا آهن.  هن چيو ته بجيٽ مخالف ڌر جي مشوري سان تيار ڪرڻ گهرجي، پ پ پنهنجي حڪومتي دور ۾ بجيٽ ۾ ن ليگ سان مشورا ڪندي رهي، مسلم ليگ ن رڳو 2013ع جي بجيٽ ۾ مشورو ڪيو، تحريڪ انصاف 3 بجيٽ پيش ڪيا پر مشورو نه ڪيو ويو، تحريڪ انصاف جي بجيٽ ڪجهه ماڻهن کي بچت فراهم ڪرڻ لاءِ هوندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *