40 سالن کان قوم دهشتگردي خلاف جنگ پئي وڙهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته 40 سالن کان قوم دهشتگردي خلاف جنگ وڙهي رهي آهي ۽ گذريل 4 سالن ۾ دهشتگردن جي چيلهه ٽوڙي وئي. اسلام آباد هڪ تقريب کي خطاب ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته دهشتگردي جي واقعن ۾ واضع گهٽتائي آئي آهي، توانائي جي  منصوبن تي ڀرپور ڌيان آهي پر منصوبن کي مڪمل ٿيڻ ۾ وقت ته لڳندو. هن چيو ته نوجوان نسل کي پنهنجي ثقافت سان جوڙيو ويندو، وزير اعظم نواز شريف وٽ نوجوان نسل جي لاءِ خاص هدايتون آهن، وزير اعظم جي خاص هدايت تي ثقافت ۽ فن کي اجاڳر ڪيو پيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *