40 ارب جو نئون ٽيڪس مڙهڻ غريب عوام خلاف جنگ جو اعلان آهي: سراج الحق

مردان (اين اين آءِ) امير جماعت اسلامي سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته حڪومت 40 ارب رپين جو نئون ٽيڪس مڙهڻ غريب عوام خلاف جنگ جو اعلان آهي، ان سان مهانگائي جو طوفان ايندو، اسيمبلي ۾ بغير پيش ڪيل ٽيڪس مڙهڻ اسيمبلي جي توهين آهي، ناڻي جي وزيرن جي فيصلن سان عوام متاثر ٿيندو، ورلڊ بينڪ ۽ آءِ ايم ايف جي حڪم تي ٽيڪس مڙهڻ ذهني ۽ معاشي غلام آهي جنهن کي اسان رد ڪريون ٿا. قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ ان خلاف احتجاج ڪنداسين، پاڪ چين اقتصادي راهداري سان ڪي پي ڪي جي وڏي حصي کي محروم ڪيو وڃي ٿو، ان تي قومي اتفاق راءِ جي ضرورت آهي، ڪي پي ڪي جي تمام علائقن کي اقتصادي راهداري ۾ شامل ڪيو وڃي، ان منصوبي کي ناڪام بڻائڻ جي ڪوشش ملڪ سان دشمني جي برابر آهي، وفاق ڪي پي ڪي جو پنهنجو حصو نه ڏئي رهيو آهي، ڪي پي ڪي کي 380 بلين رپين کان وڌيڪ بجلي جو خالص منعافو ڏنو وڃي ته صوبو ٻين کي قرض ڏيڻ جي ڪابل ٿي ويندو، اسان کي خيرات نه پر پنهنجو حق ڏنو وڃي، صوبي ۾ مڪاني چونڊن سان حڪومت مضبوط ٿي آهي، پنجاب ۽ سنڌ ۾ نالي ماتر مڪاني چونڊون ڪرايون ويون، اتي مڪاني نمائندن کي فنڊ ۽ اختيار نه ڏنا ويا، پنجاب ۽ سنڌ ۾ ڪي پي ڪي جو مڪاني نظام اختيار ڪرڻ گهرجي، ڪراچي ۾ عوام پنهنجي ووٽ ذريعي بدامني، ڀتي خوري ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ کان نجات حاصل ڪري موجوده آپريشن جي حمايت ڪريون ٿا، مڪمل امن جي قيام تائين آپريشن جاري رکيو وڃي ان کي سياست جي ور نه چاڙهيو وڃي، اهڙن خيالن جو اظهار هن مردان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي جماعت اسلامي ڪي پي ڪي جو امير مشتاق احمد، مرڪزي ڊپٽِي سيڪريٽري جنرل محمد اصغر، سراج الحق جي معاون خاص شبير احمد خان، ضلعي مردان جي امير ڊاڪٽر عطا رحمان ۽ هاري راڄ تحريڪ جي اڳواڻ ارسلان خان به موجود هئا، هن چيو ته وفاقي خزاني جو وزير 351 اهم استعمال جي شين تي نئون ٽيڪس مڙهيو آهي، سڄي دنيا ۾ سال ۾ هڪ ڀيرو بجيٽ پيش ڪئي وڃي ٿي پر هتي هر ڀيري مني بجيٽ پيش ڪئي وڃي، بجيٽ هميشه اسيمبلي مان پاس ڪرائي ويندي آهي پر هتي اسيمبلي جي منظوري کانسواءِ ٽيڪس لڳايو ويو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن عوام اسان تي اعتماد ڪيو ته ڪراچي کي استبول جهڙو ترقي يافته ۽ پرامن شهر بڻائينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *