4 ڏينهن جيل ۾ نه رهندڙن جو رڙيون ختم نه پيون ٿين: فردوس عاشق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات بابت وزيراعظم جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته غريبن جي همدرديءَ ۾ واڳونءَ جا ڳوڙها ڳاڙيندڙن جو پوکيل ٻج اڄ عوام لُڻي رهيو آهي، 4 ڏينهن جيل ۾ نه رهندڙن جو رڙيون ختم نه پيون ٿين. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي فردوس عاشق اعواڻ لکيو ته حڪومت 71 سالن جي مسئلن مان ڇوٽڪاري لاءِ ڏکيا فيصلا ڪيا، پنهنجي ڪارڪنن سان ويساهه گهاتيون ڪندڙ ڪهڙي منهن سان ٻين تي الزام هڻي رهيا آهن. هن چيو ته حڪومت 16 مهينن ۾ قرضن جي ادائيگيءَ سميت معاشي نظم ۽ ضبط قائم ڪرڻ لاءِ وقتائتا ۽ جرئتمنداڻا فيصلا ڪيا، مالياتي ۽ انتظاميا طور ڏکيا فيصلا قوم کي 71 سالن جي مسئلن مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ ڪيا ويا، قوم جي همت ۽ حوصلي سان خوشحالي جي نئين دور جي شروعات ٿي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم عمران خان کي قوم جي ڏکيائين جو احساس آهي، عوام کي سڌي ريت رليف ڏيڻ لاءِ 7 ارب رپين جو يوٽيلٽي اسٽورز ذريعي پيڪيج ڏنو ويو، ايندڙ ڏينهن ۾ عوام جي ڀلائيءَ لاءِ وڌيڪ اپاءَ ورتا ويندا.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *