4 سال جمهوريت لاءِ مفاهمت ڪري ڏٺي، آخري سال جارحاڻي اننگز کيڏنداسين: آصف زرداري

لاهور (ويب ڊيسڪ/اين اين آءِ)اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو اهي ته اسان گذريل 4 سال جمهوريت خاطر مصالحت ڪري ڏٺي پر هاڻي آخري سال ۾ جارحاڻي اننگ کيڏنداسين، سندس چوڻ هو ته اسان مفاهمت جي سياست کي مڪمل طور تي خيرباد چئي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي مخالفن جي هر حملي جو جواب سياسي انداز ۾ ڏنو ويندو، جڏهن ته ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ جو به جارحاڻو مقابلو ڪيو ويندو، هن چيو ته پارٽي قيادت بلاول ئي ڪندو، بلاول ڀٽو جي جواني منهنجو تجربو پارٽي ۾ نئين جان وجهندا، اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي ڪو چيئرمين چيو ته ڪارڪن جلد چڪري ۾ جلسي جي تياري ڪن، انهن سان ايندڙ ملاقات چڪري ۾ ٿيندي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته بلاول ڀٽو مڪمل طور تي بااختيار ۽ پارٽي جي قيادت به ڪري رهيو آهي ڪارڪن ۽ اڳواڻ پارٽي تي حملو ڪندڙن کي جواب ڏيڻ لاءِ بااختيار آهن عملي طور تي ميدان ۾ نڪتا آهيون اهو ئي سبب آهي جو ڪجهه ماڻهن جون ننڊون حرام ٿي ويون آهن اهڙن خيالن جو اظهار هن بلاول هائوس لاهور ۾ راولپنڊي ۽ سرگودا ڊويزن جي ٽڪيٽ هولڊرن ۽ عهديدارن سان جدا جدا اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو ان موقعي تي قمرزمان ڪائره نديم افضل چن ۽ ٻيا موجود هئا. ان موقعي تي پارٽي جي معاملن سميت گڏيل صورتحال ۽ آئينده جي حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويئي هن چيو ته پ پ پ عوام جي پارٽي آهي ۽ سڀني تي اهو ثابت ڪرڻو آهي عوام ۽ ڪارڪنن سان رابطا وڌايا وڃن پ پ پ پوري طاقت سان ميدان ۾ ايندي. هن چيو ته پ پ پ جي قيادت سڄي پنجاب ۾ جلسا ڪندي. هن چيو ته پارٽي تي جيڪو حملو ڪندو ڪارڪن ۽ اڳواڻ جواب ڏيڻ لاءِ بااختيار آهن پروپيگنڊا ڪرڻ وارن جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *