38 سالن کان افغانستان جي ناڪاري اثرن کي ڀوڳي رهيا آهيون: پاڪستان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾  پاڪستاني سفير اعزاز چوڌري چيو آهي ته پاڪستان جو  اڌ عرصو ناڪاري اثرن کي منهن ڏيندي نڪري ويو ۽ غير مضبوط افغانستان جا ناڪاري اثر 38 سالن کان ڀوڳي رهيا آهيون. اعزاز چوڌري جو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پاڪستان مخالف پاليسي تي رد عمل ۾ چوڻ هو ته افغانستان ۾ امن پاڪستان جي مفاد ۾ آهي، پاڪستان مضبوط ۽ پرامن افغانستان جي عالمي ڪوششن جو ساٿ ڏئي رهيو آهي، غير مضبوط افغانستان جا ناڪاري اثر 38 سالن کان ڀوڳي رهيا آهيون. پاڪستان پنهنجي قيام کان اڄ تائين جو اڌ عرصو انهن ناڪاري اثرن کي منهن ڏيندي گذاريو. هن چيو ته پاڪستان جي سر زمين ڪنهن به دهشتگرد جي لاءِ محفوظ پناهه گاهه ناهي، افغان قيادت ئي مفاهمتي عمل کي ڪامياب بڻائي سگهي ٿي ۽ آمريڪي قيادت سان گڏجي نئين پاليسي ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *