33 سال پارٽي کي ڏنا، پانامه جو فيصلو ايندي ئي سياست کان ڌار ٿي ويندس: چوڌري نثار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته اهو فيصلو ڪيو هو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو ايندي ئي ته وزارت تان به استعيفيٰ ڏيندس، ايم اين اي شپ تان به استعيفيٰ ڏيندس، پريس ڪانفرنس ڪندي چوڌري نثار چيو ته اڄ جي پريس ڪانفرنس جو ڪنهن کي اطلاع نه هو، هيءَ پريس ڪانفرنس منهنجي زندگيءَ جي مشڪل ترين پريس ڪانفرنس آهي، هن چيو ته مون ڪابينا جي ميٽنگ ۾ به چيو ته مان ڪجهه سٺو محسوس نه ڪري رهيو آهيان، مان هي ڳالهيون ڪندي پاڻ کي ننڍو محسوس ڪري رهيو آهيان، ڪابينا ۾ ڪيل ڳالهيون ڪجهه درست رپورٽ ٿيون، ڪجهه غلط رپورٽ ٿيون، انهن ڳالهين جي تصديق ۽ ترديد ڪرڻ لاءِ مون پريس ڪانفرنس جو اعلان ڪيو، هن چيو ته پارٽي ليڊر شپ تي ڏکيو وقت آهي، مان ناراض ڇو ٿيندس، مان مشڪل وقت ۾ ڇو منهن موڙيندس، چوڌري نثار چيو ته هر اعليٰ سطحي ميٽنگ ۾ 30 سالن کان شامل هوندو آهيان، اوچتو ڪجهه ميٽنگن ۾ مون کي نه گهرايو ويو، جنهن ٽرين ۾ سياست جي شروعات ڪئي، ان ٽرين ۾ ئي سوار آهيان، هر اسٽاپ تي بيهندڙ ٽرين ۾ سواري ناهيان ڪندو، هن چيو ته سينئر ترين مشاورت ۾ ڏيڍ مهيني کان مون کي ناهي گهرايو ويو ۽ بنا گهرائڻ جي مان ڪنهن ميٽنگ ۾ ناهيان ويندو، مان اندر کان مشڪلن ۽ سازشن جو شڪار رهيو آهيان، جنهن شخص 33 سال پنهنجي زندگيءَ جو سڀ ڪجهه پارٽي کي ڏنو هجي، اهو مشڪل وقت ۾ ڪيئن پارٽيءَ کي ڇڏي سگهي ٿو، هن چيو ته منهنجي سياسي مخالفن به چيو ته چوڌري نثار پارٽي نه ڇڏيندو، اهو منهنجي لاءِ اعزاز آهي، چوڌري نثار چيو ته مون سڄي عمر نواز شريف سامهون سچ ڳالهائڻ جي همت ڪئي آهي، ڀل اهو سچ ڪيڏو به سخت ڇو نه هجي، آچر، سومر تي جيڪا پريس ڪانفرنس ڪرڻي هئي ان ۾ وڏو اعلان ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو هيو، مان واحد ماڻهو آهيان جيڪو 85 کان پارٽيءَ جي مرڪز قيادت ۾ موجود آهيان، اڪثر پارٽي ڇڏي ويا ۽ ٻيا دنيا ڇڏي ويا، هن چيو ته منافقت ناهيان ڪندو، ڪوشش ڪندو آهيان ته ڪوڙ نه ڳالهايان، مان واحد ماڻهو آهيان جيڪو نواز شريف کي چوندو رهيو آهيان اوهان هڪ انسان آهيو، هڪ دفعو ميان صاحب کي چيو ته مان اوهان جي برائي ٻڌائڻ وارو ماڻهو آهيان، مون ڪڏهن سولين اٿارٽي تي سمجهوتو ناهي ڪيو، 1991 ۾ آرمي چيف گلف وار تي ڪمينٽ ڪيو، مون سخت جواب ڏنو، مون جيڪو سخت جواب ڏنو، ميان نواز شريف جي ڪري ڏنو، جنرل بيگ صاحب سان ٻه ٽي سال ناراضگي رهي، هن چيو ته هميشه ڪوشش ڪئي آهي ته ملٽري ۽ سول مائينڊ سيٽ ۾ هم آهنگي هجي، هر هنڌ منهنجي خلاف پروپيگنڊا ٿي، مان پنهنجي ضمير جي ڳالهه موجب هلندو آهيان، هن چيو ته اهو فيصلو ڪيو هو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو ايندي ئي ته وزارت تان به استعيفيٰ ڏيندس، ايم اين اي شپ تان به استعيفيٰ ڏيندس، چوڌري نثار چيو ته مون عزت لاءِ سياست ڪئي آهي، سازش منهنجي خمير ۾ ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

1 thought on “33 سال پارٽي کي ڏنا، پانامه جو فيصلو ايندي ئي سياست کان ڌار ٿي ويندس: چوڌري نثار

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *