30 جون تي ملير پل جي افتتاح جو اعلان، مهراڻ انڊر پاس عوام کي عيد جو تحفو هوندو: شرجيل ميمڻ

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪراچي ۾ پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت جيڪي ترقياتي ڪم ڪري رهي آهي انهن جوماضي ۾ مثال نه ٿو ملي.ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ڪراچي سميت سڄي صوبي ۾ وڌيڪ ميگا پراجيڪٽن لاءِ رقم رکي ويئي آهي.مهراڻ انڊرپاس ۽ ڄام صادق پل تي 24 ڪلاڪ تيزي سان ڪم هلندڙ آهي ۽ ملير هالٽ ۽ ملير 15 جي اوور هيڊ پل به پنهنجي مقرر وقت تي مڪمل ڪيا ويندا.جڏهن ته سينيئر وزير خزانه سيد مراد علي شاهه چيوآهي ته ايندڙ مالي سال ۾ ريڪارڊ ترقياتي ڪمن لاءِ بجيٽ مختص ڪئي ويندي ۽ انشاءَالله 13 جون تي سنڌ جي بجيٽ عوام دوست بجيٽ هوندي.اهڙن خيالن جو اظهار هن آچر ڏينهن ڪراچي ۾ هلندڙ مختلف ترقياتي منصوبن جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.ان موقعي تي ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ثاقب سومرو،ڊي جي نياز سومرو، ايڊمنسٽريٽر سائوٿ محمد فاروق لانگو ۽ ٻيا ان سان گڏ هئا.صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ دوري دوران هلندڙ ترقياتي منصوبن سان گڏوگڏ سڄي شهر ۾ هلندڙ رودن جي مرمت، صفوران ڳوٺ ۾ 5ڪلو ميٽري نئين سر روڊ جي تعمير، طارق روڊ سميت شهر جي منختلف رودن جي مرمت ۽ سڄي شهر ۾ لڳايل اسٽريٽ لائيٽن جو معائنو ڪيو.صوبائي وزير پنهنجي دوري جي شروعات شاراع فيصل تي ٺهندڙ مهراڻ انڊر پاس جي دوري سان ڪئي.ان موقعي تي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ، صوبائي وزيرن کي هلندڙ ڪم جي تفصيل سان آگاهي ڏني، ان بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته انهن منصوبن جو  2 مهينا ۽ 18 ڏينهن اڳ هن پاڻ سنگ بنياد رکيو ۽ ان وقت اهو واعدو ڪيو ويو ته اهي منصوبا چئن مهينن ۾ مڪمل ڪيا ويندا.هن چيو ته هاڻي انهن منصوبن تي 70 سيڪڙو ڪم ٿي چڪو آهي ۽ انشاءَالله اسان ڪراچي جي عوام کي هن رمضان واري عيد تي مهراڻ انڊر پاس کي مڪمل ڪري تحفو ڏيندا سين.هن چيو ته اهي منصوبا 54 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان مڪمل ٿيندا جنهن ۾ صرف هتان مختلف يوٽيليز کي شفٽ ڪرڻ تي 14 ڪروڙ روپيا خرچ ٿيندا.هن چيو ته هن منصوبي جي سڀ کان وڏي خاصيت اها آهي ته مين شاراع فيصل تي ڪم دوران هڪ ڏينهن لاءِ به شاراع فيصل جي ٽريفڪ کي بند ناهي ڪيو ويو.هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي موجوده سنڌ حڪومت هن شهر لاءِ جيڪي ترقياتي منصوبا شروع ڪيا آهن۽ جيڪي منصوبا مڪمل ٿي رهيا آهن ، انهن جي ماضي ۾ مثال نه ٿي ملي.شرجيل ميمڻ چيو ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾به  ڪراچي لاءِ پاڻي جي ميگا منصوبن، ٽرانسپورٽ ۽ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ لاءِ هڪ جهجهي رقم رکي ويئي آهي.ان بعد صوبائي وزيرن طارق روڊ، بهادر آباد، گلشن اقبال سميت شهر جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو، بعد ۾ صفوران چورنگي تي الاظهر گارڊن جي ويجهو هلندڙ 5 ڪلو ميٽر طويل روڊ جي تعميراتي ڪم بابت انجنيئرن کان تفصيل ورتي.ان موقعي تي اتان جي علائقي جي ماڻهن انجنيئرن جي ڪم جي رفتار ۽ معيار تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو.ان بعد صوبائي وزيرن ملير هالٽ تي ٺهندڙ پل جو دورو ڪيو.اتي موجود پراجيڪٽ ڊائريڪٽرن کان مڪمل تفصيل طلب ڪئي.صوبائي وزيرن کي ٻڌايو ويو ته پل تي 80 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي ۽ اها پل جون جي آخري هفتي ۾ ٽريفڪ لاءِ کولي ويندي.جڏهن ملير 15 تي پل جو 70 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪم مڪمل ڪيوويو آهي ۽ اها پل جولاءِ جي آخري هفتي ۾ مڪمل ڪئي ويندي.ان بعد صوبائي وزيرن ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ۾ ڄام صادق پل تي هلندڙ تعميراتي ڪم جوجائزو ورتو.ان موقعي تي اتي موجود پراجيڪٽ ڊائريڪٽرن ٻڌايو ته پل جي مرمتي ڪم دوران ڪيتريون ئي ٽيسٽيون ڪرايون ويون آهن ۽ مڪمل خيال رکيو ويو آهي ته هي پل آئنده  ڪيترن ئي سالن تائين انڊسٽريل ايريا جي هيوي ٽريفڪ لاءِ ڪارآمد آهي.هن چيو ته  هن ڪم جي شروعات 17 مارچ 2015 کان ڪئي ويئي هئي ۽ ان کي 31 آگسٽ 2015 تائين مڪمل ڪرڻ جي تاريخ ڏني ويئي آهي ،جڏهن ته  ڪم دوران ڪيترن ئي جاين تي ڪم ۾ اضافي باعث هتي ڏينهن رات ڪم ڪيو پيو وڃي ۽ ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ان کي مقرر وقت تي مڪمل ڪيو وڃي.ان بعد شرجيل انعام ميمڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سڀئي هلندڙ ترقياتي منصوبن تي هن سان گڏ سينيئر وزير خزانه سيد مراد ڳلي شاهه به موجود هو، هن چيو ته ڇوته انهن سڀني منصوبن جا فنڊ محڪمه خزانو رليز ڪندو آهي ۽ اڄ خود مراد علي شاهه ان سلسلي ۾ سڀني ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو ۽ انهن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اسان جو ڪراچي جي عوام سان اهو واعدو آهي ته سڀئي وسيلا استعمال ڪندي هن شهر جي عوام جي معيار زندگي کي بهتر کان بهتر بنائڻ لاءِ قدم کڻندا سين ۽ اڄ الحمدالله اسانجي ڪراچي ۾ هلندڙچئني ميگا پراجيڪٽن تي ڏينهن رات ڪم هلندڙ آهي ۽ اهي سڀئي منصوبا پنهنجي مقرر ڪيل وقت تي مڪمل ٿيندا. هن چيو ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ ڪراچي جي ميگا منصوبن ڪي فور، 100 ، ۽ 65 ايم جي ڊي جي ٻين منصوبن لاءِ جهجهي رقم رکي ويئي آهي ۽ هوڏي ڪراچي کان ٺٽه ڊيول ڪريوج روڊ جي تعمير ۽ اندرون سنڌ ۾ پاڻي ، بجلي ۽ ٻين منصوبن لاءِ جهجهي رقم رکي ويئي آهي.ان موقعي تي سينيئر وزير خزانه سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي ۾  جيڪي منصوبا زير تعمير آهن انهن کان علاوه ايندڙ مالي سال لاءِ ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ نوان ميگا پراجيڪٽ ٺاهيا پيا وڃن ۽ ايندڙ مالي سال ۾ صوبي ۾ جيڪي ترقياتي ڪم ٿيندا اهي هن صوبي جي تاريخ ۾ ڪڏهن به نه ڪيا ويا هوندا.هن چيو ته هلندڙ مالي سال ۾ ترقياتي منصوبن تي 185 ارب رپيا رکيا ويا هئا پر وفاق کان حصو نه ملڻ ڪري ان کي 168 ارب ڪيا ويا۽ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ جيڪي به ترقياتي ڪمن لاءِ رقم رکي ويندي اها هڪ ريڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرائيندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته صوبي جي بجيٽ انشاءَالله هو 13 جون ڇنڇر ڏينهن پيش ڪندا  ۽ ان سلسلي ۾ سڀئي تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن ۽ بجيٽ پرنٽنگ جي مرحلي ۾ آهي. ايم ڪيو ايم طرفان پيش ڪيل شيڊو بجيٽ تي هن چيو ته اڃا تائين هن کي ان سلسلي ۾ ڪا به ڪاپي ناهي ملي ۽ ميڊيا جي توسط کا ڪجهه خبرون مليون آهن پر هاڻي وقت گذري چڪو آهي ڇو ته بجيٽ پيش ڪرڻ کان هڪ هفتو اڳ ڇپائي لاءِ موڪلي ويندي آهي.هلندڙ مالي سال ۾ ڪجهه اسڪيمن کي ختم ڪرڻ جي سوال جي جواب ۾ سينيئر وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته اسان ڪا به اسڪيم ختم ناهي ڪئي پر وفاق طرفان جيڪا رقم ايلوڪيشن ٿيڻي هئي يا اهي اسڪيمون جن تي قائدن موجب ڪم نه ڪيو ويو اهي التواءَ جو شڪار ٿيون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ ٽرانسپورٽ لاءِ سنڌ حڪومت بلو، اورينج، ييلو، ۽ ريڊ لائينيون بسن جي اسڪيم متعارف ڪرائي رهي آهي ۽ اسان جو عزم آهي ته ڪراچي جي شهرين جي ٽرانسپورٽ جي مسئلي کي ايندڙ هڪ کان ڏيڍ سال تائين حل ڪيو وڃي.ان کان علاوه سولڊ ويسٽ مئنيجمينٽ ذريعي صفائي سٿرائي جي اسڪيم به سيپٽمبر ۾ شروع ڪئي ويندي.ان موقعي تي شرجيل انعام ميمڻ سڀني منصوبن تي هلندڙ ڪم جي رفتار کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي آفيسرن کي  هدايت ڏني.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *