30 نومبر تائين انصاف نه مليو ته مسلم ليگ ن لاءِ حڪومت ڪرڻ مشڪل ٿي ويندو: عمران خان

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته 30 نومبر تائين ڌانڌلي بابت انصاف نه مليو ته ان کانپوءِ مسلم ليگ ن لاءِ حڪومت هلائڻ به مشڪل ٿي ويندي، رحيم يار خان روانگي کان پهريان ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته حڪومت ميرٽ جو قتل عام ڪري رکيو آهي هر جاءِ تي سفارشي ڀرتيون ڪيون ويون آهن اهم عهدن تي انهن جو پنهنجو خاندان قابض آهي، پرڏيهه ۾ ڪيل هر معاهدي ۾ ان جو خاندان ڪاروبار ڪري رهيو آهي بجلي جي پيداوار جو سڀ کان سستو ذريعو پاڻي آهي جيڪو خيبرپختونخواهه ۽ اترين علائقن ۾ وڏي مقدار ۾ آهي پر وزيراعظم چين ۾ خيبرپختونخواهه جي وزيراعليٰ بجاءِ پنهنجي ڀاءُ کي وٺي ويو ان ڳالهه جي خبر پوڻ گهرجي ته چين سان ڪيل هاڻوڪن معاهدن ۾ ڪهڙيون ڪمپنيون فائدو کڻنديون . حڪومت کان انتظامي معاملي نه ٿا هلي سگهن ۽ هو ان جو الزام تحريڪ انصاف مٿان لڳائي رهيا آهن، عمران خان وڌيڪ چيو ته ڪنهن کي غلط فهمي نه ٿيڻ گهرجي ته ڌرڻو ختم ٿي ويندو، اسان 3 مهينن کان ڌرڻي تي ويٺل آهيون ۽ اسنا کي انصاف نه مليو ته ايندڙ 3 سال به ڌرڻو جاري رهندو، موجوده بحران مان نڪرڻ لاءِ اسان حڪومت کي هڪ موقعو ڏئي رهيا آهيون ته 30 نومبر کان پهريان ڌانڌلي بابت معاملا حل ڪيا وڃن ان سلسلي ۾ هو رحيم يار خان جي جلسي ۾ مصالحتي فارمولو پيش ڪندو جيڪو ٻنهي پارٽين لاءِ عمل جي قابل هوندو ان فارمولي تحت به حڪوت ڪو قدم نه کنيو ته 30 نومبر تي اسان ان سلسلي ۾ هڪ نئين لائحه عمل جو اعلان ڪنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *