3 ڀيرا ڦاهي ملتوي ٿيندڙ قيدي کي مقتول جي وارثن معاف ڪري ڇڏيو

راولپنڊي(بيورو)  اڊيالا جيل ۾ 3 ڀيرا موت واري سزا ملتوي ٿيڻ کانپوءِ مقتول جي وارثن قيدي کي معاف ڪري ڇڏيو راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ قيت شعيب 21 جنوري 1996ع تي واهه ڪينٽ ۾ معمولي جهيڙي تي اويس نواز نالي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو هو جنهن تي مقامي عدالت ان کي ڦاهي جي سزا ٻڌائي سندس 3 ڀيرا ڦاهي جو وقت مقرر ٿيو ۽ ٽنهي ئي ڀيري ان جي ڦاهي ملتوي ٿي وئي، آخري ڀيرو ان جي ڦاهي جو ڏينهن 3 فيبروري مقرر ٿيو هو هڪ طرف شعيب سرور پنهنجي سزا تي عملدرآمد لاءِ بيٺو هو ته ٻئي طرف ان جا گهروارا مقتول جي خاندان کان معافي حاصل ڪرڻ جي ڪوششن ۾ مصروف هئا جن رنگ لاتو ڌارين ۾ راضي نامو ٿيڻ تي صدر ممنون حسين سزا تي عملدرآمد کان 6 ڪلاڪ اڳ ڦاهي 3 هفتن لاءِ ملتوي ڪندي جوابدار خاندان کي راضي نامي جو آخري مقعو ڏنو قاتل ۽ مقتول جي گهرن وارن وچ ۾ ٿيندڙ راضي نامو تيار ڪيو ويو آهي جيڪو سومر تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ ان ئي ڏينهن شعيب سرور جي آزاد به عمل ۾ اچي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *