3 هفتا اڳ چئي ڇڏيو هو عمران نتيجا تسليم نه ڪندو: سردار اياز صادق

لاهور (بيورو) مسلم ليگ ن جي نئين چونڊيل قومي اسميبلي ميمبرن سردار اياز صادق چيو آهي ته مان 3 هفتا اڳ چئي ڇڏيو هو ته عمران خان نتيجا تسليم نه ڪندو، هي ٻٽو معيار نه آهي جو پي ٽي آءِ کي پي پي 147 مان ڪاميابي ملي ته ٺيڪ آهي، اين اي 122 مان هارائي ته ڌانڌلي ٿي وئي، عمران خان ۽ عليم خان کي گڏ شڪست ڏيڻ سان جماعت اسلامي، عوامي تحريڪ، عوامي مسلم ليگ سميت ان جي حمايت ڪندڙ جماعتن کي به شڪست ڏني، مصرورفيت سبب ضمني چونڊن جو تفيصيلي جائزو نه وٺي سگهيون آهيان، 2002، 2008، 2013 ۽ تازين چونڊن جي نتيجن جو جائزو وٺي ڪوتاهيون دور ڪنداسين، اهڙن خيالن جو اظهار هن فيروز روڊ تي ڳالهائيندي ڪيو، ان موقعي حافظ ميان نعمان ۽ چوڌري اختر رسول به موجود هئا، سردار اياز صادق چيو ته تڪ جو عوام ۽ ڪارڪنن جو دلي ٿورائتو آهيان، جن مون کي ٻيهر چونڊيو ۽ الله تعاليٰ مسلم ليگ ن کي فتح ڏني، ضمني چونڊن جي نتيجي سان 56 هزار ووٽن جي ڌانڌلي جو الزام ختم ٿي ويو آهي، هن چيو ته عمران خان ۽ تحريڪ انصاف جا دوست جيڪڏهن مونکي دوست سمجهن ٿا ته پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته انا ڇڏي پاڪستان جي ڳالهه ڪريو، جيڪڏهن اسان هڪ ٿي وڃون ته پاڪستان ۾ سيڙپڪار به اچي سگهن ٿا، بجلي گيس جي لوڊشيڊنگ جهڙا مسئل حل ٿي سگهن ٿا، عمران خان کي درخواست آهي ته نوجوانن کي هو تربيت ڏئي جيڪا هو پنهنجن ٻارڙن کي ڏيڻ چاهي ٿو، جنهن ۾ وڏڙن جي عزت ۽ ٻارڙن سان پيار ڪرڻ شامل آهي، منهنجي هن کي اپيل آهي ته اڻوندڙ زبان بند ڪري، اڳواڻن بابت گٿا لفظ ڳالهائڻ مناسب نه آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *