3 سال خاموش ڇو رھيا؟اسٽينڊنگ ڪميٽي رانا شميم ۽ ثاقب نثار کان پڇاڻي لاءِسوال تيار ڪري ورتا

اسلام آباد (م.ڊ) قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي راڻا شميم ۽ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب کان پڇاڻي لاءِ سوال تيار ڪري ورتا آھن، ڪميٽي راڻا شميم کان سوال ڪندي ته هو 3 سال ڇو خاموش رهيو؟ ڇا ڪو دٻاءُ هو، وٽس انڪشافن جو ڪو ثبوت آهي؟ قومي اسيمبلي جي ڪميٽي ثاقب نثار کان پڇاڻو ڪندي ته ڇا راڻا شميم جيڪو چيو اُهو درست آهي؟، جيڪڏهن غلط آهي ته پوءِ قانوني ڪارروائي ڇو نه ڪئي، اوهان جي جيڪا آڊيو سامهون آئي آهي، ڇا اها درست آهي، جيڪڏهن فيڪ آهي ته پوءِ رپورٽر خلاف قانوني ڪارروائي ڇو نه ڪئي؟، قومي اسيمبلي جِي ڪميٽي جو اجلاس 29 ڊسمبر تي ٿيندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *