28 کان وڌيڪ مذهبي پارٽين پاران دهشتگردي خلاف گڏيل جدوجهد جو اعلان

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) ملڪ جي 28 کان وڌيڪ مذهبي پارٽين جي نمائندن طرفان پشاور سانحي ۽ سانحه شڪارپور ۽ ڪراچي ٽارگيٽ ڪلنگ جو نشانو بنجندڙ عالمن ،شاگردن، مذهبي ۽ سياسي ڪارڪنن جي قتل جي خلاف 13 فيبروري تي پر امن يوم احتجاج ملهائڻ ۽ دهشتگردي انتها پسندي جي خلاف گڏيل جدوجهد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. اهڙو اعلان ڪالهه ڪراچي جي هڪ مقامي هوٽل ۾ پاڪستان علماءَ ڪائونسل پاران ڪرايل پيام امن ڪانفرنس جي موقعي تي پاڪستان علماءِ ڪائونسل جي مرڪزي چيئرمين حافظ طاهر محمود اشرفي پاران ڪيو ويو. ڪنوينشن جي گڏيل پڌرنامي ۾ چيو ويو ته دهشتگردي انتها پسندي ۽ فرقيواريت ملڪ جي هر طبقي کي متاثر ڪيو آهي تنهن ڪري هاڻ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ملڪ جا سڀئي طبقا، مذهبي ۽ سياسي پارٽيون، دهشتگردي ۽ انتها پسندي جي خلاف گڏجي جدوجهد ڪن. پڌرنامي ۾ اهو به چيو ويو ته قومي ايڪشن پلان هڪ صحيح قدم آهي پر دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ هر قسم جي مصلحت پسندي کان مٿاهون ٿي جدوجهد ڪئي ويندي. ڪنوينشن ۾ اهو به مطالبو ڪيو ويو ته پاڪستان علماءِ ڪائونسل جي ضابطه اخلاق جي مڪمل توثيق جو اعلان ڪندي مسجدن ۾ لائوڊ اسپيڪرن جي ناجائز استعمال تي پابندي ۽ نفرت آميز تقريرن کان پاسو ڪرڻ ۽ پنهنجو مسلڪ ڇڏيو نه ۽ ٻئي جي مسلڪ کي ڇيڙيو نه جي فلسفي تي عمل ڪيو وڃي. ڪنوينشن ۾ ملڪ اندر انتها پسندي ۽ دهستگردي جي خاتمي لاءِ پوري ملڪ ۾ جاڳ پاڪستان جاڳ جي تحريڪ هلائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو.چيو ويو ته ڪجهه قوتون مدرسن ۽ مسجدن کي پنهنجي سياسي مقسدن لاءِ استعمال ڪرڻ چاهين ٿيون ديني مدرسن جي قيادت ۽ شاگرد ملڪ مان فرقيواريت، تشدد انتها پسندي جي خاتمي لاءِ حڪومت ۽ ملڪ جي هٿياربند فوج سان مڪمل سهڪار ڪري رهيا آهيون ۽ ڪندا رهنداسين.ڪنوينشن ۾ قومي مصالحتي ڪائونسل جي ڪوششن کي هر سطح تي وڌيڪ موثر بنائڻ ۽ مختلف مذهبن ۽ ملڪن جي وچ م پيدا ٿيندڙ مسئلن کي حل ڪرڻ جي لا3 قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. جاري ڪيل گڏيل پڌرنامي ۾ هندو برادري پاران سنڌ اندر پيدا ٿيندڙ ڪجهه مسئلن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ويو ته اسلام ڪنهن کي به زوري مسلمان ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏئي ۽ نه اسلام جبري طور تي ڪنهن ٻئي مذهب جي عورتن يا ٻارڙين سان شادي جي اجازت ڏئي ٿو جيڪڏهن ڪير اسلام جي نالي تي جبري ڪري ٿو ته حڪومت ان جي خلاف ايڪشن وٺي اهڙن واقعن جي مڪمل جاچ عدالت ۽ آئين جي ذريعي ٿيڻ گهرجي جنهن ۾ جبري بنياد تي مسلمان بنائڻ جو چيو وڃي ٿو.ڪنوينشن ۾ ايم ڪيو ايم جي عبد الحسيب، مسلم ليگ ن سنڌ جي نائب صدر چوڌري اڪبر گجر، علامه جعفر صبحاني، قيوم سومرو، بشپ اعجاز سميت ٻين ڪيترن ئي سياسي ۽ مذهبي پارٽين جي نمائندن شرڪت ڪئي ۽ پنهنجن خيالن جو اظهار پڻ ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *