28 ڊسمبر تي آل پارٽيز ڪانفرنس جو اعلان، لائحا عمل جوڙينداسين: طاهر القادري

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه طاهر قادري عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته 28 ڊسمبر تي اي پي سي ٿيندي، سمورين جماعتن جي مرڪزي قيادت کي شرڪت جي دعوت ڏني آهي، هن پريس ڪانفرنس ۾ دعويٰ ڪئي ته سرڪاري رڪارڊ موجب ماڊل ٽائون ۾ 45 ٿاڻن، چوڪين جي 809 جي نفري انساني بيئررز هٽائڻ جي آپريشن ۾ حصو ورتو، انهن ۾ 204 اسپيشل فورسز جا اسنائيپرز ۽ شوٽر به شامل هئا، عوامي تحريڪ جي سربراهه پريس ڪانفرنس دوران ٿاڻن جي لسٽ به جاري ڪئي، سندس چوڻ هو ته اسان جي مشاهدي موجب ان نفري کان پنجون تي وڌيڪ نفري هئي، هن سوال ڪيو ته ڇا اها ڳري نفري بيريئر هٽائڻ لاءِ هئي، ڇا ايڏيون وڏيون مقرريون پنجاب جي وڏي وزير جي حڪم کانسواءِ ممڪن هيون، هن چيلينج ڪيو ته انهن معلومات جي ڪو به سرڪاري آفيسر ترديد جي جرئت نٿو ڪري سگهجي، هن چيو ته شهباز شريف ۽ نواز شريف هڪ ئي سڪي جا ٻه رخ آهن ٻنهي ۾ ڪو به فرق نه آهي، شهباز شريف جو وزيراعظم بڻجڻ ته پري جي ڳالهه مان کيس ماڊل ٽائون سانحي ۾ ڦاهي تي چڙهندي ڏسي رهيو آهيان، سندس ورح ته ملڪل موت قبض ڪندو، اسان صرف انتظام ڪري رهيا آهيون، ماڊل ٽائون جو ڪيس ڪيترن ئي ڪيسن کان ڳرو آهي، هن چيو ته شيخ رشيد جو گرم جوشي سان استقبال ڪريان ٿو، ان سان ماڊل ٽائون سانحي، 31 ڊسمبر جي ڊيڊ لائين ۽ اي پي سي جي حوالي سان تفصيلي ڳالهيون ٿيون ۽ کيس شرڪت جي دعوت ڏني آهي جيڪا هن قبول ڪئي آهي، شيخ رشيد پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته طاهر قادري جي هر فيصلي ۽ حڪم سان گڏ آهيون، هو جيڪو فيصلو ڪندو ان تي پهرو ڏينداسين، شهباز شريف جي ماڊل ٽائون ڪيس ۾ جند نه ڇٽندي، نجفي رپورٽ سندن چهرن تان نقاب هٽائي ڇڏيو آهي، حديبيا ڪيس مڌر آف ڪرائيم آهي، ججن کي درخواست آهي ته فيصلي جي ڪاپي ڏين، دير جو هي فائدو وٺي رهيا آهن، علي بابا ۽ ڪابينا جا 53 چور تباهي جي راند کيڏي رهيا آهن، هن وڌيڪ چيو ته ٻئي ڀائر ڊبل گيم ڪري رهيا آهن ۽ رام شام جي فلم لڳل آهي، هڪ ساراهه ڪري ٿو ٻيو فوج ۽ عدليا کي گاريون ڏئي ٿو، نواز شريف پرڏيهي ايجندا تي ڪم ڪري رهيو آهي، عوام اي پي سي ۾ ڀرپور شرڪت ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *