27 ڊسمبر تي شهيد بينظير ڀٽو جي ستين ورسي ڀرپور نموني ملهائي ويندي: قائم علي شاهه/ فريال ٽالپر

 

 

لاڙڪاڻو (بيورو)  وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ فريال ٽالپر چيو آهي ته 27 ڊسمبر تي شهيد بينظير ڀٽو جي ستين ورسي ڀرپور نموني ملهائي ويندي. ڀٽو هائوس نئين ديري ۾ پي پي سنڌ جي صدر سيد قائم علي شاهه ۽ فريال ٽالپر جي گڏيل صدارت هيٺ شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي جي حوالي سان گڏجاڻي ٿي. گڏجاڻي ۾ لاڙڪاڻي ڊويزن جي چونڊيل نمائندن، ضلعي ۽ تعلقي جي عهديدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي لاڙڪاڻي ڊويزن جي اڳواڻن بريفنگ ڏيندي چيو ته ورسي تقريب ۾ پي پي جا جيالا قافلن جي صورت ۾ شرڪت ڪندا. ان موقعي تي سيد قائم علي شاهه ۽ فريال ٽالپر، لاڙڪاڻي ڊويزن جي قيادت کي هدايت ڪئي ته ورسي ۾ ڪارڪنن جي وڌ کان وڌ شرڪت کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن پنهنجي عظيم ليڊر کي ڀيٽا پيش ڪري سگهجي. گڏجاڻي دوران شهيد بينظير ڀٽو لاءِ دعا پڻ گهري وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *