27 هزار 107 ووٽ بوگس ٻڌايا ويا جيڪي ثابت نه ٿي سگهيا: اليڪشن ٽربيونل جو فيصلو

لاهور (اين اين آءِ) اليڪشن ٽربيونل قومي اسيمبلي جي تڪ 118 ڌانڌلي ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري ڪندي تمام بيضابطگين کي انساني غلطي قرار ڏنو درخواست گذار تحريڪ انصاف جي اڳواڻ حامد زمان کي 6 لک رپيا جرمانو هڻي ڇڏيو جرماني جي رقم ڪيس کٽندڙ مسلم ليگ (ن) جي ڪامياب اميدوار ملڪ رياض کي ڏني ويندي. گذريل ڏينهن اليڪسن ٽربيونل جي جج جسٽس رٽائرڊ رشيد قمر تڪ اين اي 118 جو تفصيلي فيصلو جاري ڪيو جنهن ۾ تمام بيضابطگين کي انساني خطا قرار ڏيندي چيو ويو آهي ته درخواست ڪندڙ پي ٽي آءِ جو حامد زمان مسلم ليگ (ن) جي ڪامياب اميدوار ملڪ رياض جي خلاف ڌانڌلي جا شاهد پيش ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ثابت ٿي ويو درخواست ڪندڙ پاران 27 هزار 107 ووٽ بوگس ٻڌايا ويا جيڪي ثابت نه ٿيا تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو ته 4 هزار 43 ووٽن تي شناختي ڪارڊ نمبرن جي نادره تصديق نه ڪري سگهيو. اهڙا شناختي ڪارڊ آهن جن جي هڪ يا ٻن هنڌن کان غلط آهن. شناختي ڪارڊ نمبر لکندي پولنگ اسٽاف کان غلطيون ٿيون آهن. ذريعن مطابق حامد زمان فيصلو چئلينج ڪرڻ لاءِ پنهنجي وڪيل کي ڪيس تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ فيصلو چئلينج ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *