لاڙڪاڻو (بيورو) وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ فريال ٽالپر چيو آهي ته 27 ڊسمبر تي شهيد بينظير ڀٽو جي ستين ورسي ڀرپور نموني ملهائي ويندي. ڀٽو هائوس نئين ديري ۾ پي پي سنڌ جي صدر سيد قائم علي شاهه ۽ فريال ٽالپر جي گڏيل صدارت هيٺ شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي جي حوالي سان گڏجاڻي ٿي. گڏجاڻي ۾ لاڙڪاڻي ڊويزن جي چونڊيل نمائندن، ضلعي ۽ تعلقي جي عهديدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي لاڙڪاڻي ڊويزن جي اڳواڻن بريفنگ ڏيندي چيو ته ورسي تقريب ۾ پي پي جا جيالا قافلن جي صورت ۾ شرڪت ڪندا. ان موقعي تي سيد قائم علي شاهه ۽ فريال ٽالپر، لاڙڪاڻي ڊويزن جي قيادت کي هدايت ڪئي ته ورسي ۾ ڪارڪنن جي وڌ کان وڌ شرڪت کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن پنهنجي عظيم ليڊر کي ڀيٽا پيش ڪري سگهجي. گڏجاڻي دوران شهيد بينظير ڀٽو لاءِ دعا پڻ گهري وئي.