243 ۾ بهتري ڪري وٺنداسين، حلفيا بيان ڏيان ٿو ته آرٽيڪل 243 ۾ پگهار، الائونس ۽ ٻيون شيون شامل ڪنداسين: فروغ نسيم پاران خاطري

اسلام آباد (اين اين آءِ) آرمي چيف جي وڪيل فروغ نسيم سپريم ڪورٽ کي خاطري ڪرائي آهي ته 243 ۾ بهتري ڪري وٺنداسين، حلفيا بيان ڏيان ٿو ته 243 ۾ پگهار، الائونس ۽ ٻيون شيون شامل ڪنداسين، خميس تي ٻڌڻي دوران آرمي چيف جي وڪيل فروغ نسيم دليل ڏيندي چيو ته عدالت کي يقين ڏياريان ٿو ته 243 ۾ بهتري ڪنداسين، ان تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته توهان سمري مان 3 سالن جي نوڪري جي مدي جا لفظ ڪڍي ڇڏيندا، عدالت اٽارني جنرل ۽ فروغ نسيم کان 4 نقطن تي ٻڌل حلفي بيان طلب ڪري ورتو ۽ جنرل قمر جاويد کي ڪم جاري رکڻ تي مشروط رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي، چيف جسٽس چيو ته اٽارني جنرل ۽ فروغ نسيم 3 مهين ۾ لاڳاپيل قانونسازي جو حلفي بيان ڏيندو، آرمي چيف جي نئين نوٽفڪيشن ۾ ان جي نوڪري جو مدو درج نه هوندو، سمري مان 3 سالن جو مدو ڪڍي ڇڏينداسين، پگهار، مراعتن بابت شيون سمري مان ڪڍي ڇڏيون ته 6 مهينن ۾ قانونسازي ڪري وٺنداسين، اسان چاهيون ٿا ته هي سمورو رڪارڊ جو حصو هئڻ گهرجي ۽ قانون درست ٿيڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *