24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 60 مريض حياتي وڃائي ويٺا، 2 هزار 963 نوان ڪيس ظاهر

اسلام آباد (اين اين آءِ) ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 60 ڄڻا فوت ٿي ويا وڌيڪ 2963 ڪيس رپورٽ ٿيا اربع تي نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ۾ 38 هزار 092 ڪرونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن کان پوءِ گڏيل ڪووڊ19 ٽيسٽ جو انگ 58 لک 65 هزار 944 ٿي ويو آهي گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ وڌيڪ 2 هزار 963 ماڻهن ۾ ڪرونا جي تصديق ٿي آهي، اهڙي طرح پاڪستان ۾ ڪرونا جا مريضن جو انگ 4 لک 26 هزار 142 ٿي ويو آهي. سرڪاري انگن اکرن مطابق هن وقت تائين سنڌ ۾ هڪ لک 87 هزار 684، پنجاب ۾ هڪ لک 24 هزار 804، خيبرپختونخواهه ۾ 50 هزار 506، اسلام آباد ۾ 33 هزار 420، بلوچستان ۾ 17 هزار 540، آزاد ڪشمير ۾ 7 هزار 427، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 761 مانهن ۾ ڪرونا جي تصديق ٿي آهي هن وقت ملڪ ۾ ڪرونا جي فعال مريضن جو انگ 45 هزار 324 ٿي ويو آهي جن مان 2 هزار 498 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 60 ماڻهو لاڏاڻو ڪري ويا آهن جنهن کان پوءِ هاڻي هن وبا وگهي فوتين جون انگ 8 هزار 547 ٿي ويو آهي گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ هڪ هزار 797 مريضن ڪرونا کي مات ڏيئي ڇڏي آهي جنهن کان پوءِ هن وبا جي خلاف جاري جنگ کٽندڙ ماڻهن جو انگ 3 لک 72 هزار 271 ٿي ويو آهي. وفاقي وزير اسد عمر واضح ڪيو اهي ته جيڪڏهن عوام احتياط نه ڪيو ته شايد هڪ هفتي يا ٻن هفتن کان پوءِ وڌيڪ شعبا بند ڪرڻا پون اسان کي پاڪستانجي ٻارڙن جي تعليم جي به ڳڻتي آهي. جيڪڏهن هڪ هنڌ 10 يا 20 هزار ماڻهو گڏ ٿيندا ته ڪرونا وائرس جو پکڙجڻ وڌي ويندو، جمهوري نظام جو مطلب اهو نه آهي ته سياسي ليڊرز عوام کي اهڙو پيغام ڏين جنهن سان عوام جي صحت ۽ روزگار خطري ۾ پوي پي ڊي ايم وارا اسان جي نٿا ٻڌن ته اعتزازاحسن جي ٻڌي وٺن اين سي او سي جي اجلاس کان پوءِ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته اين سي او سي اسان جي ذميواري اها نه اهي ته اسان پوئتي ڪنڌ ورائي ڏسون ته ڇا ٿي چڪو آهي اسان جي پهرين ذميواري اها آهي ته اسان اڳتي ڏسون. هن چيو ته قوم جي صحت ۽ روزگار جي دفاع جي ذميواري ڏني ويئي آهي اين سي او سي کي جنهن لاءِ اسان سمورو ڊيٽا سائنس جو استعمال ڪري ٿي ۽ صحت جا ماهر ان جي راءِ کي اهميت ڏين ٿا اسان روزانو جي بنياد تي صورتحال جو جائزو وٺندي اڳتي ڏسندي ڪجهه سفارسون ڏيون ٿا وفاقي زير چيو ته آڪٽوبر جي پهرين ڏهاڪي ۾ سڄي دنيا تعريف ڪري رهي هئي ۽ اسان ٻاهر ويندا هئاسين ته ماڻهو مبارڪون ڏيندا هئا ته اوهان کي مبارڪ هجي اوهان ڪرونا پاڪستان مان ختم ڪري ڇڏيو ۽ هرهڪ کي ٻڌائڻو پوندو هو ته گهٽ ٿيو آهي ختم ناهي ٿيو. هن چيو ته ان وقت جيڪي انگ اکر اچڻ شروع ٿيا ان تي اسان 12 آڪٽوبر تي اين سي سي جي اجلاس جي درخواست ڪئي جنهن ۾ سفارشون رکيون ته عوام طرفان حفاظتي اپاءُ نه ڪرڻ جي ڪري اسان کي وبا جو وڌيڪ پکڙجڻ نظر اچي رهيو هو هن چيو ته 12 آڪٽوبر جي هفتي ۾ مثبت ڪيسن جي شرح رڳو 2 سيڪڙو هئي جڏهن ته گذريل هفتي هي 8.7 سيڪڙو ٿي چڪو هو اسد عمر ٻڌايو ته ان هفتي روزانو رڳو 8 ڄڻا فوت ٿي رهيا هئا ۽ اسان جي گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ سراسري 60 کان وڌيڪ موت ٿي رهيو آهي جڏهن ته اسپتالن ۾ داخل مريضن ۽ آڪسيجن تي موجود مريضن ۾ چئوڻ کان وڌيڪ واڌ ٿي آهي. هن وڏن وڏن فيصلن جو ذڪر ڪندي چيو ته سمورن تعليمي ادارن ۾ سردين جي موڪلن جو اعلان ڪيو ويو ۽ پاڪستان جي تعليمي ادارن ۾ ويندڙ 5 ڪروڙ ٻارڙن جي چرپر روڪي ويئي ۽ انهيءَ طريقي 20 لک استادن جو وڃڻ بند ٿي ويو جيڪو هڪ وڏو فيصلو هو هن چيو ته جيڪي اندر شاديون ٿي رهيون هيون انهن تي پابندي مڙهي ويئي ٻاهر ٿيندڙ شادين ۾ 300 ماڻهن جي حد رکي ويئي اهڙي طرح ريسٽورنٽ ۾ بند ڪمرن ۾ کاڌو کائڻ تي پ ابندي مڙهي ويئي ۽ هي سب تڪليف ڏيندڙ فيصلا آهن هن چيو ته اسان کي پاڪستان جي ٻارڙن جي تعليم جي ڳڻتي آهي اسان کي پتو آهي ته سمورا تعليمي ادارا گهٽ قيمت ۽ گهٽ فيس چارج ڪري ٻارڙن کي تعليم ڏين ٿا ۽ انهن پابندين سان اهڙن تعليمي ادارن جو وڏو نقصان ٿيو آهي هن چيو ته اهڙي طرح مئرج هالز ريسٽورنٽس ۽ هزارين ماڻهو آهن جن جون نوڪريون انهن سان ڳنڍيل آهن انهن سڀني کي به معاشي پريشان کي منهن ڏيڻو پيو پر اسان کي ايئن مجبوري ۾ انلاءِ ڪرڻو پئجي رهيو آهي ته جيڪڏهن اسان هڪ ماڻهو جي معاشي بندش جي ڪري 100 ماڻهن جي معاشي بندش کي روڪي سگهون ته اها عجيب ڳالهه آهي ته اسان اهڙو فيصلو ڪيون ان موقعي تي هن لاڪ ڊائون ۽ پابندين سان متاثر ٿيندڙ شعبن لاءِ رليف پئڪيج جي اعلان جو اشارو به ڏنو هن چيو ته سڀ کان اهم فيصلو عوامي ميڙاڪن م 300 کان وڌيڪ ماڻهو گڏ ڪرڻ تي پابندي آهي. ان فيصلي تي عمل نه پيو ٿئي انهيءَ ڪري هڪ نقصان اهو ٿي رهيو آهي ته سڌي طرح هي ڪرونا وائرس پکڙجي رهيو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *