24 ڪلاڪن ۾ سنڌ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 341 ڪيس ظاهر، 4 فوت، انگ 85 ٿي ويو

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ ڪابينا جو اجلاس سومر تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ سمورن وزيرن، صلاحڪارن ۽ چيف سيڪريٽري شرڪت ڪئي، ان کانپوءِ سيد ناصر حسين شاهه، سنڌ حڪومت/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 30

 جي ترجمان مرتضِيٰ وهاب سان گڏ ڄا ڻ ڏيندي چيو ته اجلاس ۾ ڪرونا وائرس جي صورتحال تي ڪابينا کي ڄاڻ ڏني وئي، اجلاس ۾ ڪرونا سبب فوتين لاءِ مغفرت دعا گهري وئي ۽ ڪرونا وگهي فوتين جي ڏک ۾ هڪ منٽ جي خاموشي به ڪئي وئي، ڪرونا جي مريضن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ گهري وئي، هن چيو ته سومر تي 2733 ٽيسٽون ڪيون ويون، اهڙي طرح ٽيسٽن جو ڪل انگ 43949 ٿي ويو آهي، هن ٻڌايو ته هن وقت 3946 مريض داخل آهن جن ۾ 24 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، 16 مريض وينٽيليٽر تي آهن، 2705 مريض گهرن  ۾ علاج هيٺ آهن، 825 مريض آئيسوليشن مرڪزن ۾ داخل آهن، سيد ناصر حسين شاهه چيو ته اوڀر ۾ 90، ڏکڻ ۾ 50 ۽ ڪورنگي ۾ 40 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، ملير ۾ 30، سينٽرل ضلعي ۾ 20، لاڙڪاڻي ۽ حيدرآباد ۾ 12-12 ڪيس رپورٽ ٿيا، خيرپور ۾ 23، گهوٽڪي ۾ 8، سکر 4 ۽ مٽياري ۾ 2 نوان ڪيس ظاهر ٿيا، هن ٻڌايو ته مريضن جي وڌڻ سبب اسان بسترا وڌائي رهيا آهيون، ايڪسپو سينٽر ۾ 12 سئو مان وڌائي 15 سئو بسترا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اهڙي طرح پي اي ايف ميوزم سائيٽ تي 6 سئو ۽ گڏاپ اسپتال ۾ 150 بسترن جي واڌ ڪئي وئي آهي، دنبا ڳوٺ ۾ 120 بسترن تي ٻڌل آئيسوليشن قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ناصر حسين چيو ته هڪ سئو بسترن جو فيلڊ آئيسوليشن سينٽر هر ضلعي ۾ ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، صوبائي ڪابينا جي اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ڪرونا جي ڪري حالتن کي ڏسي خانگي اسڪولن جي ٻارن کي فيس ۾ 20 سيڪڙو رعايت ڏني وئي، ان ڏس اسڪول ايجوڪيشن نوٽفيڪشن جاري ڪيو، سنڌ ڪابينا اسڪول فيس 20 سيڪڙو گهٽتائي ڪرڻ جي اصل منطوري ڏني آهي، اها فيس اپريل ۽ مئي 2020 لاءِ آهي، هن ٻڌايو ته ايڊووڪيٽ جنرل کي فيس ۾ رعايت جي حوالي سان ڪيس صحيح نموني پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، صوبايئ وزير چيو ته سنڌ ڪابينا احساس ڪفالت پروگرام موجب رقم ملڻ تي ملندڙ ڪميشن تي سنڌ روينيو بورڊ ٽيڪس معاف ڪيو آهي ۽ هن ٽيڪس معاف ڪرڻ جو رڳو لاڳاپيل بيڪنگ ايجنٽن کي ملندڙ ڪميشن تي لاڳو ٿيندو، ناصر حسين شاهه ڪابينا اجلاس کي بريفنگ ڏيندي چيو ته ايڊيشنل چيف سيڪريٽري (هوم) ۽ سمورن ڪمشنرز کي قلم 144 سي آر پي سي جا اختيار ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، هي اختيار سي آر پي سي ۾ ترميم کانپوءِ ڏنا ويندا، سنڌ حڪومت سنڌ ڪوڊ 19 ايمرجنسي رليف آرڊيننس 2020 تحت خانگي اسڪولن ۾ 20 سيڪڙو رعايت ڏني آهي ۽ وڌيڪ ڪنهن به ملازم کي نوڪري تان فارغ نه ڪيو ويندو، خانگي شعبي ۾ ڪم ڪندرن کي پگهار به ڏني ويندي، جڏهن ته آجر کي فائدو ڏيڻ لاءِ ڪجهه ڪٽوتي جي اجازت ڏني وئي آهي، پگهارن جا سليب به جاري ڪيا ويندا، هن چيو ته آرڊيننس جي شيڊول 2 موجب بجلي جي بلن ۾ رعايت ڏني وئي آهي ۽ رهائشي علائقن جي پاڻي جي بل ۾ به رعايت ڏني وئي آهي، گيس جي بلن ۾ رعايت ڏني وئي آهي، ناصر حسين ٻڌايو ته ڪابينا آرڊيننس جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، تفصيل موجب مقرر ڪيل اسپيڊ کان وڌيڪ اسپيڊ جي ڏنڊ موٽر سائيڪل لاءِ 4 سئو کان 5 سئو، ڪار، جيپ، ايل ٽي وي لاٰءِ هڪ هزار ۽ ايڇ ٽي وي لاءِ 15 سئو رپين جي تجويز ڏني وئي آهي، پبلڪ سروس ويڪل تي وڌيڪ مسافر ويهارڻ تي 3 سئو کان هڪ هزار ڏنڊ جي تجويز ڏني وئي آهي، ٽريفڪ سنگلز جي ڀڃڪڙي جو ڏنڊ 4 سئو مان وڌائي 2 هزار کان 5 هزار مختلف گاڏين لاءِ ڪرڻ جي تجويز آهي، گڊز ٽرانسپورٽ جي اوور لوڊنگ جو ڏنڊ هڪ هزار مان 2 هزار ڪئي وئي آهي،. جتي اوور ٽيڪنگ منع آهي ان جي ڀڃڪڙي تي 3 سئو کان هزار کان 2 هزار تائين ڏنڊ جي تجويزآهي، ناصر حسين شاهه ٻڌايو ته وڏي وزير ٽرانسپورٽ کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته اهو اسٽيڪ هولڊرز سان صلاح مشورا ڪري، هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان ڳالهه ٻولهه ڪري هي تجويز آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي، هن ٻڌايو ته سنڌ ڪابينا قيدين جي پيرول ۾ 4 ڪلاڪن مان وڌائي 72 ڪلاڪ رعايت ڏيڻ جو اختيار ڏئي ڇڏيو آهي، 72 ڪلاڪن جا اضافي پيرول 3 قسمن لاءِ هوندا، جيڪي فوتگي، ويجهي مائٽ جي شادي ۽ ويجهي مائٽ جي سيئرس بيماري ۾ ڏني وئي آهي، فوتگي ۾ جيل سپرينٽنڊنٽ 72 ڪلاڪ واڌ ڏئي سگهي ٿو، شادي ۽ سخت بيماري جا اختيار گهرو کاتي وٽ هوندا، ناصر حسين شاهه هڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ته خوراڪ کاتي هن وقت تائين 469.673 ٽن ڪڻڪ خريد ڪئي آهي، اها ڪڻڪ مقرر ڪيل حدف جو 33.55 سيڪڙو آهي، سنڌ حڪومت 14 لک جو حدف مقرر ڪيو آهي، جڏهن ته ان جي قيمت 14 سئو رپيا في مڻ مقرر ڪئي آهي، اوپن مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جي قيمت سرڪاري قيمت کان وڌيڪ آهي، خوراڪ کاتي هن وقت تائين 8711300 بارداو ورهايو آهي، وڏي وزير خوراڪ کاتي کي ڪڻڪ جي خريداري جو حدف پورو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، ناصر حسين شاهه چيو ته صوبائي ڪابينا ڪڻڪ ڏيڻ لاءِ زميندارن تان لينڊ ڊاڪيومينٽ، سرٽيفڪيٽ پيش ڪرڻ جو شرط ڪرونا سبب روينيو آفيسرن جي غير حاضر هجڻ جي ڪري ختم ڪري ڇڏيو آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته ڪابينا اجلاس ۾ ماڪڙ جي حملن تي ڪابينا کي بريفنگ ڏني وئي، اجلاس کي ٻڌايو ته ماڪڙ 3 ضلعن  ۾ پهچي وئي آهي، ماڪڙ تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ وڏي وزير 335.095 ملين رپيا جاري ڪيا هئا، اڃا تائين 181.38 ملين رپيا خرچ ٿيا آهن ۽ هن وقت تائين 153.457 ملين رپيا فنڊ موجود آهي، ناصر حسين شاهه ٻڌايو ته زراعت واري کاتي 22 گاڏيون، 3 سولو پاور اسپري، هڪ هزار هينڊ اسپري، 50 هزار ليٽرز دوا خريد ڪئي آهي ۽ رزاعت کاتي 57 ٽيمون جوڙيون هنيون جيڪي تعلقي سطح تي ڪم ڪري رهيون آهن، هن چيو ته وفاقي حڪومت کي سنڌ 10 ملين پيسٽ سائيڊ پي او ايل لاءِ مهيا ڪيا هئا، هن ٻڌايو ته سنڌ ڪابينا وفاقي حڪومت کي درخواست ڪئي آهي  ته هيئر ڪرافٽ هائير ڪيا وڃن، اهي ماڪڙ لاءِ ريگستان ۾ اسپري ڪيو وڃي، هن ٻڌايو ته ڪرونا وائرس کان پوءِ ماڪڙ جي تباهي اچي رهي آهي ان لاءِ زارعت کاتي ۽ وفاقي حڪومت کي تياري ڪرڻ گهرجي، ناصر حسين شاهه چيو ته اجلاس کي ٻڌايو ويو ته نيشنل ايڪشن پلان تحت 12 ايئر ڪرافٽ خريد يا هائير ڪرڻ جو پلان جوڙيو هو پر هن وقت تائين نه ايئر ڪرافٽ خريد ڪيا ويا ۽ نه وري هن وقت تائين سنڌ حڪومت ۽ بلوچستان اسپري ڪيو ويو آهي، هن چيو ته سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت کي 5 ايئر ڪرافٽ اسپري لاءِ فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪئي،. هن چيو ته جيڪڏهن اهو مسئلو حل نه ڪيو ويو ته ماڪڙ ايندڙ فصل کي تباهه ڪري ڇڏيندي، سيد ناصر حسين شاهه ٻڌايو ته سنڌ ڪابينا گوادر اسپتال لاءِ ايمپورٽ ٿيندڙ مشينري لاءِ ٽيڪس ايگزمپشن جي منظوري ڏني آهي، اها ڳالهه هن صحافين جي سوالن جي جواب ۾ ڪئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *