24 ورهين جي شادي هڪ منٽ ۾ ختم، مسٽر بين کي زال طلاق ڏئي ڇڏي

لنڊن: مشهور برطانوي اداڪار روون ايٽڪنسن عرف مسٽر بين جي 24 سالن جي شادي ٽٽي وئي. مسٽر بين جي 60 سالن جي زال سنيترا سينٽرل لنڊن ۾ ضلعي عدالت ۾ رڳو 65 سيڪنڊن ۾ پنهنجي مڙس کي طلاق ڏئي ڇڏي، جڏهن ته ان قسم جي عدالت ۾ زال مڙس کي ٻيهر ٺاهه ڪرڻ يا سوچڻ لاءِ ڪيترن ئي مهينن جو وقت ڏنو وڃي ٿو پر سنيترا جج جي سامهونمسٽر بين جي غير موجودگي ۾ عدالت ۾ سوچڻ جو وقت نه وٺڻ جي درخواست ڏيندي طلاق لاءِ صحيح ڪرڻ ۾ هڪ منٽ لڳايو. روون ۽ سنيترا 1990ع ۾ شادي ڪئي هئي ۽ سندن شادي ختم ٿيڻ جو سبب روون کان عمر ۾ 32 سال ننڍي اداڪاره لوئيس فورڊ بڻي، جنهن جي روون سان گذريل ڏيڍ سال کان دوستي هلي رهي آهي. ذريعن مطابق عدالت سنيترا کي پنهنجي طلاق تي نظر ثاني ڪرڻ ۽ مالي معاملا طئي ڪرڻ لاءِ ڏيڍ مهيني جو وقت ڏنو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *