ڪراچي(اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته هاڻ هن ملڪ مان اسٽي آرڊر واري ڪلچر جو خاتمو ضروري آهي. صفائي ۽ قبضن جي خاتمي واري مهيني دوران صفائي سان گڏوگڏ عام ڀلائي واري پلاٽن ۽ خاص ڪري عوامي پارڪن تي غير قانوني قبضن ۽ اڏاوتن کي ڪنهن به صورت  قائم رهڻ نه ڏينداسين. غير قانوني طور تي قبضي واري جاين تي اڏاوت جي اجازت ڏيندڙ آفيسرن کي نه فقط معطل ڪيو ويندو پر انهن خلاف قانوني ڪارروائي پڻ ڪئي ويندي. عوام ۽ ميڊيا ان مهم ۾ اسان جو ساٿ ڏين ۽ قبضو ڪندڙن خلاف ان مهم جو حصو بڻجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري واري ڏينهن ڪراچي جي علائقي شهيد ملت روڊ تي ڪي ايم سي جي انتظام هيٺ جلال الدين افغاني پارڪ تي قائم غير قانوني فٽنس سينٽر ۽ پارڪ جي ٻئي حصي ۾ ڪنٽين جي نالي تي هلندڙ شيشا پارلر کي ڊاهڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. صوبائي وزير اوچتو پارڪ تي پهچي ڪي ايم سي جي اينٽي انڪروچمينٽ سيل جي ڳري مشينري جي مدد سان غير قانوني طور تي قائم فٽنيس سينٽر جي  ڀت کي ڪيرايو جڏهن ته پارڪ اندر قائم شيشا پارلر ۽ اتي موجود شيشو استعمال ٿيندڙن  سامان کي ٻاهر ڪڍي ٽوڙي ڇڏيو. ان موقعي تي صوبائي وزير سان سنڌ اسيمبلي جا ميمبر نواب تيمور ٽالپور ۽ فياض بٽ، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي رئوف اختر فاروقي، سنيئر ڊائريڪٽر ڪي ايم سي مسعود عالم، اينٽي انڪروچمينٽ ڊائريڪٽر بلال منظر ۽ ٻيا به ساڻس گڏ هئا. صوبائي وزير پارڪ جي ڀر پاسي قائم ناجائز دڪانن ۽ پٿارن کي به پنهنجي نگراني ۾ مسمار ڪرايو جڏهن ته شيشو هلائيندڙ جي وڪيل پاران موقعي تي پيش ڪيل اسٽي آرڊر کي مڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيو ته سنڌ اسيمبلي شيشي جو ڪاروبار غير قانوني قرار ڏنو آهي جڏهن ته پارڪ اندر قائم ڪيل ڪينٽين ۾ شيشو هلائڻ ڪنهن به صورت قانوني ناهي. ان موقعي تي فٽنيس سينٽر جي مالڪ پاران به اجازت نامون ڏيکاريو ويو جيڪو جعلي ثابت ٿيو ، جنهن تي ان جعلي اجازت نامي جاري ڪندڙ ڪي ايم سي عملدار کي صوبائي وزير فوري طور تي معطل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير چيو ته عدالتن پاران غير قانوني ڪمن تي اسٽي آرڊر جي ڪري سنڌ حڪومت خاص ڪري بلديات کاتو سخت ڏکاين کي منهن ڏئي رهيو آهي . هن چيو ته هاڻ اهڙي قسم جي غير قانوني اسٽي آرڊرن جو ملڪ مان خاتمو ٿيڻ گھرجي ۽ مهنجي معزز عدالتن کي گذارش آهي ته غير قانوني ڪمن تي اسٽي آرڊر ڏيڻ بند ڪن. هن چيو ته ماضي ۾ به پارڪن ۽ رفاحي پلاٽن تي قبضا ڪيا ويا پر هاڻ اسان ان سلسلي کي ڪنهن به صورت هلڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته پارڪ عوامي تفريح جو واحد مرڪز آهن ۽ پارڪن تي قبضا عوام کي تفريح کان محروم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت ۽ بلديات کاتي پاران 22 سيپٽمبر کان شروع ڪيل صفائي ۽ قبضن واري خاتمي واري مهم ۾ روزانا جي بنياد تي پوري صوبي ۾ ڀرپور ڪارروائيون ڪيون وينديون ۽ ان سلسلي ۾ ميڊيا ۽ عوام کي اپيل ٿي ڪجي  ته هو اسان جو ڀرپور ساٿ ڏين. هڪ سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير چيو ته لياري ايڪسپريس وي جو باقي رهيل حصو وفاقي حڪومت پاران  حصي جي رقم اچڻ بعد پورو ڪيو ويندو. هن چيو ته مان ذاتي طور قبضي وارن کي معاوضو ڏيڻ جي خلاف آهيان پر افسوس ته لياري ايڪسپريس وي جي 75 سيڪڙو قبضي وارن کي جيڪڏهن معاضو ڏنو ويو آهي ته باقي 25 سيڪڙو کي به ڏيڻ گھرجي. هن چيو ته قبضا ڪندڙ کي هاڻ ڪنهن به قسم جو معاوضو ڏيڻ جو به خاتمو ڪيو ويندو ۽ انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته مان ميڊيا ذريعي سڀني غير قانوني طور تي سرڪاري زمينن، رفاحي پلاٽن ۽ پارڪس تي قائم شادي هالن ، فٽنيس سينٽرن سميت ڪنهن به قسم جي قبضي ڪندڙن کي خبردار ڪريان ٿو ته هو پنهنجي سر پاڻ قبضا ختم ڪن ٻي صورت  ۾ انهن خلاف ڪارروائي کي ڪو به روڪي نه سگھندو. هڪ سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير چيو ته صفائي ۽ قبضن جي خاتمي لاءِ خصوصي سيل سيڪريٽري بلديات ۽ ايڊمنسٽريٽر ڪراچي جي آفيس ۾ قائم ڪيو ويو آهي ۽ اتان جي فون ۽ فيڪس نمبر ۽ اي ميل ايدريس سمورين ننڍين ۽ وڏين اخبارن ۾ شايع ڪيا ويا آهن . هاڻ عوام کي اپيل آهي ته هو ان مهم کي ڪامياب بڻائڻ ۽ قبضن جي خاتمي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن۽ شڪايتي سيل تي شڪايتون درج ڪرائين ۽ جيڪڏهن ان تي ڪارروائي نه ٿي ته اتان جي لاڳاپيل آفيسر کي معطل ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *