2100ع تائين هماليا ۽ هندوڪش جي هڪ ڏهائي برف رجهي ويندي: ماهرن جو انڪشاف

کٽمنڊو (ويب ڊيسڪ) سموري دنيا ۾ وڌندڙ گرمي يعني گلوبل وارمنگ سبب دنيا جي سڀ کان ڊگھي چوٽي وارو سلسلو هماليا جو هڪ ڏهائي ۾ برف 2100ع تائين رجهڻ جو خدشو آهي. اهو انڪشاف انٽرنيشنل سينٽر فارانٽگريٽڊ ڊيولپمنٽ ( آءِ سي آءِ موڊ) طرفان جاري ڪيل تجزياتي رپورٽ ۾ ڪيو ويو. اها رپورٽ 5 سالن اندر تيار ڪئي وئي جنهن ۾ 22 ملڪن ۽ 185 ادارن جي 350 کان وڌيڪ ماهرن جي مدد سان ورتي وئي.رپورٽ موجب 2100ع تائين هماليا ۽ هندوڪش جي تقريبن هڪ ڏهائي برف رجهي ويندي جنهن جي نتيجي ۾ درياهن ۾ شديد ٻوڏ پيدا ٿي ويندي.واضح رهي ته هماليا سڀني پهاڙي سلسلن مان ڊگھو جابلو سلسلو آهي جنهن ۾ دنيا جي سڀني کان ڊگھي چوٽي نيپال جو “مائونٽ ايورسٽ” موجود آهي. 8 هزار ميٽرن کان دنيا جو سڀئي چوٽيون هن سلسلي ۾ موجود آهن. ان سلسلي جي اونچائي کي سمجهڻ لاءِ اهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته ان ۾ 7 هزار 2 سئو ميٽرن کان وڌيڪ اونچون 100 کان وڌيڪ چوٽيون آهن جڏهن ته ان کان ٻاهر دنيا جي بلند ترين چوٽي ڪوهه اينڊيز ۾ موجود اڪونڪا گوا آهي جنهن  جي اونچائي رڳو6 هزار 9 سئو 62 ميٽر آهي. سائنسدانن موجب وسيع برفاني گولن تي مشتمل هندوڪش ۽ هماليا جو اهو خطو انٽارڪٽيڪا ۽ آرڪٽڪ خطي کان بعد ٽيون قطب آهي. اهو خطو 3 هزار 5 سئو ڪلوميٽرن تي مشتمل آهي ۽ جبلن جو اهو سلسلو افغانستان، بنگلاديش، ڀوٽان، چين، ڀارت، ميانمار، نيپال ۽ پاڪستان تائين پکيڙيل آهي.رپورٽ موجب ان جي رجهڻ سبب يانگزي درياهه، ميڪونگ درياهه، سنڌو درياهه، گنگا ۾ ٻوڏ ايندي جتي هاري سوڪڙي دوران برفاني گولن جي رجهڻ سان حاصل ٿيندڙ پاڻي تي گزارو ڪندا آهن.ان ٻوڏ سان فصل کي گھڻو نقصان پهچندو جڏهن ته ڀرپاسي وارا علائقي دنياجي تاريخ تان مٽجي سگھن ٿا. ان خطي ۾ تقريبن 25 ڪروڙ ماڻهو جابلو علائقن ۾ رهن ٿا جڏهن ته ميداني علائقن ۾ رهڻ وارن جو انگ هڪ ارب 65 ڪروڙ آهي. ڄاڻايل رپورٽ جي سربراهي ڪندڙ فلپس ويسٽر جو چوڻ آهي ته اِهو اُهو ماحولياتي بحران آهي جنهن بابت ڪنهن به ناهي ٻڌو. گلوبل وارمنگ 8 ملڪن تان پکيڙجندي هماليا هندوڪش جي سلسلي ۾ موجود برفاني گولن سان ڍڪيل گھڻين چوٽين کي هڪ صدي ۾ ڀتن ۾ تبديل ڪري چڪي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن 2015ع جي پيرس ماحولياتي مهائدي تحت گلوبل وارمنگ کي روڪڻ لاءِ سخت بندوبست به ڪيا وڃن تڏهن به 2100ع تائين خطي جي هڪ ڏهائي کان وڏيڪ برف رجهي ويندي، ۽ جيڪڏهن اسان هلندڙ سال دوران گرين هائوس گيسز جي روڪ ٿام ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وياسين ته ٻن ڏهائين ۾ برف رجهي ويندي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *