21 آئيني ترميم جي گڏيل منظوري کانپوءِ پ پ سينيٽر رضا رباني روئي ويٺو

اسلام آباد (بيورو) سينيٽ ۾ ايڪيهين آئيني ترميم جي گڏيل منظوري کانپوءِ سينيٽر ميان رضا رباني روئي ويٺو ۽ چيو ته جيترو شرمشار مان اڄ آهيان ايترو اڳ نه هيس، ضمير خلاف ووٽ ڏنو، جڏهن ته ٻين سينيٽرز چيو ته هي فيصلا گهڻو اڳ ٿيڻ گهرجن ها، اڄ جون فوجي عدالتون ماضي جي عدالتن کان مختلف آهن، پهريان فوجي عدالتون آمر ٺاهيندا هئا ۽ هي عدالتون پارليامينٽ ٺاهيون آهن، ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ ڪڙي گوري کائڻ پئي، هاڻ دهشتگردن جا نالا وٺنداسين، پوري قوم ۽ سياسي جماعتون هڪ صف تي آهن، فوجي عدالتون اسان جي ضرورت ۽ مجبوري هيون، آخري موقعو آهي جنگ هارائي ويٺاسين ته رياست پاڪستان هارائي ويهندو، هي جنگ هر هال ۾ کٽڻي آهي، اڱاري تي سينيٽ جي اجلاس ۾ ايڪيهين ترميم منظور ٿيڻ کانپوءِ خيالن جو اظهار ڪندي پ پ جي پارلياماني ليڊر ميان رضا رباني چيو ته مونکي اٽڪل 10 کان 12 سال سينيٽ ۾ ٿي چڪا آهن، سمجهان ٿو ته جيترو شرمسار مان اڄ آهيان، ان کان اڳ نه هيس، هي ووٽ پارٽي جي امانت هيو جيڪا مون ذميواري پوري ڪري ڇڏي، آئينده جو لائحه عمل منهنجي مٿان آهي، اڄ ضمير خلاف ووٽ ڏنو، سينيٽر ميان رضا رباني روئي ويٺو ۽ پنهنجي تقرير ختم ڪئي، سينيٽر افراسياب چيو ته بدقسمتي سان فيصلا دير سان ڪيا، اهي فيصلا گهڻو اڳ ٿيڻ گهرجن ها، 1980 ۾ ضياالحق ۽ افغان پاليسي ۾ اسان ڦاسي پياسين، باچا خان ان وقت چئي ڇڏيو هو ته هي درست فيصلو نه آهي، اي اين پي جو پهرين ڏينهن کان دهشتگردي خلاف چٽو موقف آهي، هاڻ سڄو پاڪستان اسان جي موقف سان گڏجي ويو آهي، اسان جا ٻارڙا مارجي ويا، امن ۾ والدين فوت ٿي وڃن ته انهن جا جنازي ٻارڙا کڻن ٿا پر اسان پنهنجي ٻارڙا جا جنازي کنيا، اسان جي حڪومت سوات ۾ ڪاروائي ڪئي ته اسان چيو ته هي اسان جي جنگ آهي، طالبان کي شڪست ڏئي پاڪستان جو جهنڊو ڦڙڪايو ويو، بعد ۾ چيو ويو ته سٺا ۽ خراب طالبان آهن، سٺو ٿيو اسان ابحام مان نڪري آيا آهيون ۽ هي ملڪي تاريخ جو اهم ڏينهن آهي، بحث ۾ حصو وٺندي ايم ڪيو ايم جي طاهر مشهدي حڪومت، عوام ۽ سياسي جماعتن کي واڌايو ڏيندي چيو ته اسان ڪڙي گوري قوم جي مفاد ۾ کاڌي، حڪومت قوم ڏانهن واجهائي رهي آهي ته جيڪا تاريخ جي سڀ کان مضبوط حڪومت بڻجي رهي آهي، عوام حڪومت ڏانهن واجهائي رهيو آهي ته دهشتگردن سان ڪيئن ڊيل ڪري ٿي جن مسجدن امام بارگاهن ۽ بي گناهه ماڻهن کي ماريو، اسان خاموش رهياسين، جڏهن اسان جي وجود تي بي رحمي سان حملو ڪيو ويو، پشاور ۾ ٻارڙن کي ماريو ويو، 60 هزار پاڪستاني شهيد ٿي ويا، 10 هزار فوجي شهيد ٿي ويا، انهن جي منڍين کي فوٽ بال ڪري انهن سان کيڏيو ويو، دهشتگردن اسان جي عزت ۽ غيرت ۾ هٿ وڌا، قوم چاهي ٿي ته دهشتگردن جي پاڙ پٽي وڃي. ايوان ۾ فنڪشنل ليگ جي سينيٽر سيد مظفر حسين شاهه به خطاب ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *