21 مارچ تي سڄي سنڌ ۾ شٽربند هڙتال هر صورت ۾ ٿيندي: نياز ڪالاڻي

هنڱورجا (نمائندو)  جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي وائس چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو آهي ته 21 مارچ تي جسقم جي شهيد چيئرمين بشير خان قريشي، شهيد مقصود قريشي، سلمان وڌو ۽ سنڌ جي قومي تحريڪ جي ڪارڪنن جي قاتلن کي گرفتار نه ڪرڻ جي خلاف سڄي سنڌ ۾ شٽربند هڙتال هر صورت ۾ ٿيندي. پرامن هڙتال کي جيڪڏهن پرتشدد ڪيو ويو ته ان جي ذميوار سنڌ حڪومت مٿان هوندي. هنڱورجا ڀرسان جسقم اڳواڻ اياز سهتو جي والد جي وفات تي تعزيت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ ۾ مذهبي انتهاپسندي جو ٻج هڪ سازش تحت ڇٽيو پيو وڃي. سنڌي قوم پرامن ۽ صوفياڻي مزاج رکندڙ قوم آهي. ڌاريا سنڌ ۾ اچي فساد ڪرائي رهيا آهن. انهن جي نيڪالي لاءِ جسقم ڀرپور نموني سان احتجاج ڪندي رهي آهي. هن چيو ته پ پ مان سنڌ جي ماڻهن کي چڱائي جي اميد نه رکڻ گهرجي ڇو ته سنڌ جا حڪمران سنڌ جون زمينون ڌارين حوالي ڪري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ۾ پ پ جو وڏو ڪردار شامل آهي. هن سان گڏ جسقم مرڪزي اڳواڻ محبوب ابڙو، اڪبر راڄپر، منان ميمڻ، انصاف لاشاري، طالب لاشاري ۽ ٻيا گڏ هيا

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *