21 مارچ تي سڄي سنڌ ۾ تاريخي شٽربند هڙتال ڪئي ويندي: ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي

هنڱورجا (نمائندو)  جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي سينئر وائس چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو آهي ته 21 مارچ تي جسقم جي شهيد چيئرمين بشير خان قريشي، شهيد مقصود خان قريشي، شهيد سلمان وڌو ۽ ٻين سنڌ جي قومي ڪارڪنن جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سڄي سنڌ  ۾ تاريخي شٽربند هڙتال ڪئي ويندي. سنڌ جي سڀني گهڻ گهرن ۽ ساڃاوندن توڙي ڪاروباري ۽ ٽرانسپورٽرن جي هڙتال ۾ ڀرپور نموني شرڪت جي اپيل ڪريون ٿا. شهيد بشير خان قريشي کان ويندي شهيد سلمان وڌو تائين سنڌ جي قومي ڪارڪنن کي سنڌ سان عشق ڪرڻ جي ڏوهه ۾ شهيد ڪيو ويو. جسقم اڳواڻ ڪرم سامٽيو سان سندس سئوٽ غلام رسول سامٽيو جي وفات تي تعزيت ڪرڻ بعد هنڱورجا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي وڌيڪ چيو ته 23 مارچ تي سڄي سنڌ ۾ احتجاجي ريليون ڪڍيون وينديون. جڏهن ته سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين جي خلاف جسقم جدوجهد جي ميدان عمل ۾ لٿل آهي. سنڌ وسيلن سان مالال هجڻ باوجود ڌرتي ڌڻي بک بدحالي بيروزگاري جي ڪري سخت معاشي مشڪلاتن جو شڪار آهن ۽ نوجوان روزگار جي لاءِ ڊگريون هٿن ۾ کڻي گهمندا ورتن ٿا پر انهن کي روزگار نٿو ڏنو وڃي. هن چيو ته سنڌ ۾ هڪ سازش تحت دهشت گردي جو ٻج ڇٽي پرامن سنڌ ۾ دهشت گردي جا واقعا ڪرايا پيا وڃن. شڪار پور سانحي جي جوابدارن کي اڃان تائين گرفتار ناهي ڪيو ويو جيڪا حڪومت جي چٽي نااهلي جو ثبوت آهي. هن چيو ته ناري ۾ گيس فيلڊ ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيڻ بدران ڌارين کي ڀرتي ڪيو ويو آهي جيڪا مقامي ماڻهن سان وڏي ناانصافي آهي جيڪا ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته سنڌ جي آزادي خوشحالي لاءِ هڪ قدم به پوئتي هٽڻ لاءِ تيار ناهيون سائين جي ايم سيد جا سچا پيروڪار ڪنڌ ڪٽائي سگهن ٿا پر ڪنهن  به جابر ۽ ظالم جي آڏو ڪنڌ نه جهڪائينداسين. ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي سان گڏ جسقم جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري ساگر حنيف بڙدي، سرفراز ميمڻ، محبوب ابڙو، فقير امداد منگي، اڪبر راڄپر، منان ميمڻ، اشتياق سولنگي ساڻس گڏ هيا –

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *