21هين ترميم جي منظوري خوش آئيند آهي: الطاف حسين

لنڊن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ الطاف حسين چيو آهي ته قومي اسيمبلي ۾ گڏيل طور تي 21هين ترميم جي منظوري ملڪ کي بچائڻ ۽ ملڪ جي مستقل لاءِ خوش آئيند آهي الطاف حسين جو چوڻ آهي ته سمورن سياسي جماعتن دهشتگردن کان ملڪ کي پاڪ ڪرڻ لاءِ هڪ صفحي تي گڏجي ملڪ ۾ مثبت روايت جو بنياد وڌو آهي اڄ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان کي اتفاق راءِ جي ضرورت هئي نااتفاقي پيدا ڪندڙ طالبان ۽ دهشتگردي جا حمايتي آهن هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ پاڪستان کي دهشتگردي کان پاڪ ڪرڻ لاءِ هٿياربند فوج سياسي جماعتن ۽ پوري قوم کي جرئت ۽ همت ڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *