21هين ترميم تان خدشا ختم ڪرڻ لاءِ 22 وهين ترميم اڻٽر آهي: مولانا فضل الرحمان

چيچا وطني (م.ڊ) جمعت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته سياسي هم آهنگي ۽ جمهوري قدرن کي هٿي ڏيڻ لاءِ ايڪيهين ترميم کانپوءِ ٻاويهين ترميم آڻڻي پوندي، هو گذريل ڏينهن جامع رشيديا ساهيوال ۾ مختلف وفدن سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هو، ان موقعي تي اڳوڻو وفاقي وزير مولا عطاءُ الله، مولان ڪليم الله، قاري بن شهيد ۽ ٻيا پڻ موجود هئا، مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان جمهوري نظام جي بقا لاءِ حڪومت جو ساٿ ڏنو پر ان جو مطلب اهو نه آهي ته پرڏيهي ايجنڊا جي تڪميل ۽ ديني مدرسن خلاف ٿيندڙ ڪاررواين تي اسان خاموش تماشائي بڻجي وڃون، ايڪيهين ترميم تي تحفظات دور ڪرڻ لاءِ 22 وهين ترميم اڻٽر آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *