2030ع تائين ھر چئن مان هڪ پاڪستاني ٻار پرائمري اسڪول جي تعليم مڪمل نه ڪري سگھندو : يونيسيف

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) يونيسڪو چيو آهي ته 2030ع تائين ھر چئن مان هڪ پاڪستاني ٻار پرائمري اسڪول جي تعليم مڪمل نه ڪري سگھندو، 12 ورهين جي تعليم لاءِ هدف جو اڌ حصو ئي حاصل ٿي سگھندو. گڏيل قومن جي ايجوڪيشن، سائنٽفڪ ۽ ڪلچرل آرگنائيزيشن (يونيسڪو) موجوده شرح ۾ هاڻ به 50 سيڪڙو ٻار سيڪنڊري کان اڳتي تعليم حاصل نٿا ڪري سگھن. مستحڪم ترقي جي هدفن (ايس ڊي جي) جي 2030ع جي ڊيڊ لائين جي حوالي سان يونيسڪو نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي اعليٰ سطحي سياسي فورم ۾ ٻڌايو ته دنيا پنهنجي ڪاڪردگي کي تيز ڪرڻ بنا تعليم جي حوالي سان ڪيل پنهنجا واعدا پورا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيندي، سال 2030ع ۾ جتي سڀني ٻارن کي اسڪول ۾ هجڻ گھرجي ها، اتي 6 کان 17 ورهين جي عمر جي هر ڇهن مان هڪ ٻار اسڪول ۾ موجود نه هوندو. ڪارڪردگي جي حساب سان 40 سيڪڙو ٻار 2030ع تائين سيڪنڊري تعليم مڪمل نه ڪري سگهندا، جڏهن ته نوان تعليمي هدف، ايس ڊي جي- 4 سڀني ملڪن کي ٻارن جي اسڪول وڃڻ ۽ تعليم حاصل ڪرڻ جي خاطري تي زور ڏنو آهي موجوده شرح جي حساب سان تعليم حاصل ڪرڻ جي شرح لاطيني آمريڪا ۽ وچين آمدني وارن ملڪن ۾ ناهي وڌي رهي، جڏهن ته آفريقي ملڪن ۾ ان ۾ گھٽتائي آئي آهي، عالمي سطح تي ڪارڪردگي ۾ تيزي بنا 20 سيڪڙو نوجوان ۽ 30 سيڪڙو بالغ مقرر مدو پورو ٿيڻ تائين به پڙهڻ جي قابل نه هوندا. مضبوط ترقي جي 2030ع جي ايجنڊا موجب ڪنهن به ٻار کي تعليم کان محروم ٿيڻ کان بچائڻ آهي پر غريب ملڪن جي 20 سيڪڙو غريب ماڻهن مان رڳو 4 سيڪڙو ٻار ئي اپر سيڪنڊري تعليم مڪمل ڪري سگھندا آهن، جڏهن ته امير ماڻهن ۾ ان جي شرح 36 سيڪڙو آهي، تعليمي ترقي ۾ تيزي لاءِ مالي امداد جي به کوٽ آهي. رپورٽ موجب ان هدف کي حاصل ڪرڻ لاءِ هر سال 39 ارب ڊالر جو خال پيدا ٿيندو آهي ۽ 2010ع کان تعليمي امداد ۾ به ڪا واڌ سامهون ناهي آئي، ان کانسواءِ اڌ کان به گھٽ ملڪ ڪارڪردگي تي نظر رکڻ لاءِ ڄاڻ ئي فراهم ناهن ڪري رهيا. سموري صورتحال تي يونيسڪو جي شماريات کاتي جي ڊائريڪٽر سلويا مونٽويا جو چوڻ هو ته ملڪن کي پنهنجا واعدا پورا ڪرڻا پوندا، هدف رکڻ جو مقصد ڇا جيڪڏهن اسان کي ڄاڻ ئي فراهم نه ڪئي وڃي؟ تنهنڪري بهتر فنانس ۽ رابطن جي ڊيڊ لائين جي ويجهو پهچڻ کان اڳ ڄاڻ جي خال کي ڀرڻ جي سخت ضرورت آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *