2020 ۾ ملڪ نه پر مافياز وڏي ترقي ڪئي آهي: سراج الحق

لاهور (اين اين آءِ) امير جماعت اسلامي پاڪستان سينيٽر سراج الحق چيو اهي ته 2020 ۾ ملڪ نه پر مافياز وڏي ترقي ڪئي آهي ڪشمير تي جنگ کان سواءِ ناڪامي کان وٺي تعليم صحت ۽ زراعت جي تباهي تائين حڪومت ناڪامي ۽ بيڊ گورننس جو هر مثال قائم ڪيو دهشتگري جا واقعا وڌيا عورتن ۽ ٻارڙن تي حملن ۾ واڌ ٿي حڪمرانن گذريل 5 مهينن ۾ 4.6 ارب ڊالر قرض وٺي 73 سالن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو ۽ ملڪ جي آزادي ۽ خودمختياري جو آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ جي هٿان سوڌو ڪيو فيصلو ڪرڻ  ڏکيو  آهي ته 2020 ۾ حڪومت ڪهڙي اداري کي سڀ کان وڌيڪ نقصان پهچايو جيڪڏهن ظلم ائين جاري رهيو ته غريبن جا هٿ حڪمرانن جي ڳچين ۾ هوندا پي ٽي آءِ چوي ٿي ته فوج ۽ حڪومت هڪ پيج تي آهن مان چوان ٿو ته قوم ۽ فوج کي هڪ پيج تي هجڻ گهرجي اهڙنخ يالن جو اظهار هن نافع (نيشنل ايسوسيئيشن فار ايجوڪيشن) جي اهتمام هيٺ منصوره ۾ جاري تعمير سيرت ڪئمپ کي خطاب ۽ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪيو ان موقعي تي نافع ۽ جي آءِ يوٿ جا صدر هدايت خان، محمد زبير گوندل ۽ مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات قيصر شريف به موجود هو سينيٽر سراج الحق چيو ته 2020 ۾ پي ٽي آءِ هر اداري کي ايترو ته نقصان ڏنو جو هي فيصلو ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو آهي ته ڪهڙي اداري کي حڪومتي پاليسين جي ڪري ڪيترو نقصان ٿيو سڀ کان وڏو ڏوهه حڪومت جو بنا جنگ جي ڪشمير مان ناڪامي جو رستو اختيار ڪرڻ هو وزيراعظم جي ڪشمير جي سفير بڻجڻ جي دعويٰ رڳو لفظن تائين محدود رهي هن چيو ته حڪومت جي پاليسين جي ڪري تعليمي نظام مڪمل طرح ٺپ رهيو هڪ جهڙو تعليمي نظام لاڳو ڪرڻ جي دعويٰ به ڪوڙي ثابت ٿي اعليٰ تعليمي ادارن جي بجيٽ ۾ گهٽتائي ڪئي ويئي سڄي دنيا ۾ وبا دوران ماڪيٽ بند ۽ تعليمي ادارن کي کولي رکڻ جي ڀرپور ڪوشش ٿيندي رهي جڏهن ته اسان وٽ هتي ابتو ڪم ٿيندو رهيو جڏهن پي ٽي آءِ اقتدار سنباليو ته 2 ڪروڙ ٻارڙا اسڪولن کان ٻاهر هئا هاڻي اهو انگ وڌي اڍائي ڪروڙ ٿي ويو اهي پرائيويٽ تعليمي ادارن سان ماٽيلي ماءُ وارو ورتاءَ ٿيندو رهيو حڪومت جيڪو ورتاءُ تعليمي ادارن سان ڪيو ساڳيو صحت جي شعبي ۽ استپالن سان ڪيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published.