2019 کانپوءِ 18 ملڪن سان معلومات جي مٽا سٽا ٿي سگهندي: اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته 2019 کانپوءِ 18 ملڪن سان معلومات جي مٽا سٽا ٿي سگهندي، حڪومت ۾ ڪير به هجي معاهدي جو پاڪستان جي فائدي ۾ هجڻ گهرجي، پاڪستان جو اميج سڄي دنيا ۾ تبديل ٿي رهيو آهي، هن چيو ته ڊان ليڪس تي ڪميشن پنهنجو ڪم ڪري رهيو آهي، ڊان ليڪس تي ڪميشن اڃا رپورٽ جمع ناهي ڪرائي، اسحاق ڊار چيو ته رپورٽ جي اچڻ ۾ دير سان ڪو نقصان نه ٿيندو، ڊان ليڪس ڪميشن جي رپورٽ جو حشر حمود الرحمان رپورٽ جهڙو نه ٿيندو، ان ڳالهه جو حامي آهيان ته ڊان ليڪس جي رپورت کي عام ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *