2018 ۾بجلي ۽ گيس جي کوٽ ختم ٿي ويندي، ڌرڻن سبب ترقياتي منصوبن تي دير ٿي: نواز شريف

بلوڪي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته 2018 ۾ ملڪ اندر بجلي ۽ گيس جي کوٽ ختم ٿي ويندي، ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو توانائي جي ٽن منصوبن تي 110 ارب رپين جي بچت ٿي آهي، ڌرڻن سبب ترقياتي منصوبن تي دير ٿي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار وزير اعظم ميان نواز شريف بلوڪي ۾ 1223 ميگا واٽ بجلي جي پيدوار واري منصوبي جو پيڙهه جو پٿر رکڻ بعد تقريب کيخطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم نوازشريف چيو ته وفاق ۽ پنجاب هڪ منصوبي تي گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته گيس مان بجلي جي پيداوار لاءِ ٽن منصوبن جي تعمير تي 300 ارب رپيا رکيا ويا هئا پر شفافيت سبب 110 ارب رپين جي بچت ٿي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ترقي جي رستي تي هلي پيو آهي، ڌرڻن جي ڪري ترقياتي منصوبن ۾ دير ٿي آهي، ڌرڻن جي سياست ڪندڙن جو محاسبو ٿيڻ گهرجي. ميان نواز شريف وڌيڪ چيو ته اقتصادي راهداري سميت ڪيترن ئي منصوبن تي ڪم هلي رهيو آهي، پرڏيهي ادارن پاڪستان جي معاشي ترقي کي ساراهيو آهي. وزير اعظم چيو ته پاڪستان کي آبي ذخيرن جي ضرورت آهي، ديامرڀاشا ڊيم سان آبادگارن کي مفت پاڻي ۽ بجلي فراهم ڪنداسي، اهو تربيلا ۽ منگلا ڊيم کان به وڏو هوندو. هن وڌيڪ چيو ته ڪي پي ڪي ۾ نئون پاڪستان اسان ٺاهي رهيا آهيون، ڪراچي ۾ کان موٽر وي جي تعمير شروع ڪئي آهي، موٽر وي ڪوئيٽا ۽ پشاور کان اڳتي افغانستان تائين کڻي وينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *