2018 جو استقبال، حڪومت عوام تي بم ڪيرائي ڇڏيو، تيل اگهن ۾ اضافي جو اعلان

اسلام آباد (اين اين آءِ) حڪومت پيٽرول 4 رپيا 6 پيسا ۽ ڊيزل 3 رپيا 96 پيسا في ليٽر مهانگو ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتون وڌڻ تي پاڪستان ۾ تيل جون قيمتون وڌايون ويون آهن، آچر تي وزيراعظم جي ناڻي بابت صلاحڪار مفتاح اسماعيل صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پيٽرول جي قيمت ۾ 4 رپيا 6 پيسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي جنهن سان پيٽرول جي نئين قيمت 81 رپيا 53 پيسا ٿي وئي آهي، هن چيو ته ڪيروسين جي قيمت ۾ 13 ڏهائي 58 رپيا في ليٽر وڌائڻ جي تجويز ڏني وئي هئي، جڏهن ته وزيراعظم چيو ته ايتري قيمت وڌائڻ مناسب نه آهي تنهنڪري ڪيروسين ۾ 6 رپيا 74 پيسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي جنهن سان ڪيرسين جي نئين قيمت 64 رپيا 32 ٿي وئي آهي،. هن ٻڌايو ته اوگرا پاران لائيٽ ڊيزل جي قيمت 12 رپيا 49 پيسا في ليٽر وڌائڻ جي تجويز ڏني وئي هئي جيڪا وزيراعظم رد ڪندي 6 رپيا 25 پيسا وڌائڻ جي منظوري ڏني، هاڻ لائيٽ ڊيزل 58 رپيا 56 پيسا في ليٽر وڪرو ٿيندو، وزيراعظم جي ناڻي بابت صلاحڪار چيو ته هاءِ ڊيزل جي قيمت ۾ 7 رپيا 51 پيسا في ليٽر وڌائڻ جي تجويز ڏني وئي جڏهن ته وزيراعظم 3 رپيا 96 پيسا في ليٽر وڌائڻ جي منظوري ڏني جنهن کانپوءِ هاءِ اسپيڊ 89 رپيا 91 پيسا في ليٽر ٿي ويو آهي، هن چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمتون وڌي ويون آهن ان جي باوجود پاڪستان ۾ ڀارت، ترڪي ۽ بنگلاديش جي ڀيٽ ۾ پيٽرول جي قيمت گهٽ آهي، هن چيو ته وزيراعظم اوگرا جي سفارش تي تيل جي قيمت وڌائڻ جي منظوري ڏني آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *