2018 ۾ لوڊشيڊنگ جي خاتمي جو اعلان، جنهن ڪرپشن جو احتساب پيو ٿئي اها ڪٿي ٿي؟: نواز شريف

اسلام آباد/سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ) وزير اعظم نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر 2018ع ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جي خاتمي جو اعلان ڪيو آهي، وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته اسان تي هڪ پائي جي ڪرپشن جو داغ ناهي پر سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪهڙي منصوبي ۾ ڪرپشن ٿي آهي، جنهن جو اڄ احتساب ٿي رهيو آهي، سيالڪوٽ چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي تقريب کي خطاب دوران وزيراعظم نواز شريف جو چوڻ هو ته سي پيڪ کي ناڪام بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، حڪومت جا پهريان 2 سال وسيلا مهيا ڪرڻ ۾ گذري ويا پر هاڻي سڄي ملڪ ۾ موٽر ويز تيزي سان بڻجي رهيا آهن، ڪي پي ۾ مخالف سياسي جماعت جي حڪومت آهي پر اتي به هزاره موٽر ويز اسان بڻائي رهيا آهيون، هر روز بجلي جي ڪارخانن جو افتتاح ٿي رهيو آهي ۽ ملڪ مان لوڊشيڊنگ ختم ٿيندي نظر اچي رهي آهي، سندس چوڻ هو ته 2013 ۾ قياس آرايون جاري هيون ته پاڪستان هڪ ناڪام رياست ۽ مالي طور تي ڏيوالو ٿيڻ وارو آهي، جڳهه جڳهه احتجاج ٿي رهيو هيو ۽ سڄي ملڪ ۾ رشوت جو بازار گرم هيو، جڏهن ته ڪرپشن جي هڪ عجب ڪهاڻي روز ايندي هئي، وزيراعظم نواز شريف چيو ته اسان تي هڪ پائي جي ڪرپشن جو داغ ناهي پر سمجه ۾ نٿو اچي ته ڪڏهن، ڪٿي ۽ ڪهڙي منصوبي ۾ ڪرپشن ٿي آهي، جنهن جو اڄ احتساب ٿي رهيو آهي، مون کي ان جو جواب ناهي ملي سگهيو، خبر وٺڻ گهرجي ته ڪهڙي شئي جو احتساب ٿي رهيو اهي، هي سرڪاري پئسن ۾ گهوٻيون يا وري اسان جي ڪاروباري معاملن جو احتساب ٿي رهيو آهي، سندس چوڻ هو ته 44 سالن کان اسان سان احتساب جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي، اوڀر پاڪستان ۾ جيڪو اسان جو ڪارخانو هيو، اهو بنگلاديش سان گڏ هليو ويو، جڏهن ته ڀٽو اسان جي اولهه پاڪستان جي ڪارخاني کي ڦٻائي ورتو، سواءِ ان جي ته اهي حساب ڏين، حسان اسان کان گهريو پيو وڃي، پر اسان سرخرو ٿينداسين، وزيراعظم جو چوڻ هو ته 2014 کان ئي ملڪ ۾ اهو تماشو لڳو پيو آهي، قوم به ڄاڻي ٿي ته اهو تماشو لڳائڻ وارا ڪهڙا ماڻهو آهن، پهرين اليڪشن ۾ ڌانڌلي، پوءِ ڌرڻا شروع ڪيا ويا، تنهن هوندي به ان سڄي دٻاءَ باوجود اڄ پاڪستان ۾ بجلي جا ڪارخانا به لڳي رهيا آهن ۽ دهشتگردي جي چيلهه به ٽوڙي وئي آهي، سندس چوڻ هو ته منفي سياست کيڏندڙن چاهيو پاڪستان ترقي نه ڪري پر اڄ پاڪستان ترقي جي بلندين تي آهي ۽ ان ڳالهه جو اعتراف پوري دنيا ڪري رهي آهي پر ڇا انهن ماڻهن جو ڳلو جهلڻ وارو ڪير ناهي، ڪير پڇي انهن کان ته ڇا هي ملڪ کي بدحال ڪرڻ جي لاءِ ڪري رهيا آهن، وزيراعظم چيو ته 90 جي ڏهاڪي ۾ جن ملڪن جي برابر پاڪستان هيو اڄ اهي ملڪ ڪٿي وڃي پهتا آهن، اسان جيڪو ماضي ۾ وڃايو آهي، ان کي واپس حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون پر جيڪڏهن ان لاءِ به ٽنگون ڇڪيون وڃن ته ملڪ ڪيڏانهن ويندو، جيڪو مينا بازار ملڪ ۾ لڳل آهي، اهو پاڪستان کي ڪهڙي طرف وٺي ويندو، پاڪستاني قوم کي ان جو حساب گهرڻ گهرجي ۽ مون کان استعيفيٰ گهرڻ وارن کي هر هر قوم ٺڪرايو آهي، هن چيو ته اسان کي ان کان اڳ 2، 2 سال جا دور مليا، هي پهريون ڀيرو 4 سال مليا آهن ۽ ڏسون ٿا ته هاڻي اڳتي ڇا ٿو ٿئي، وزيراعظم جو چوڻ هو ته خنجراب کان گوادر تائين روڊ بلڪل تيار آهن،جڏهن ته ريلوي کي اپ گريڊ ڪيو پيو وڃي، 30 سالن کان نامڪمل لواري ٽنل جو سڀاڻي افتتاح ڪري رهيو آهيان پر انهن ماڻهن کي ترقيءَ کان ڇا ڏيڻو وٺڻو، سندس چوڻ هو ته عوامي رستي سان اقتدار نه ملڻ تي ماڻهو تماشو لڳائي بانسري وڄائي رهيا آهن، جڏهن ته دهلڙي وڄائڻ وارا دهلڙي وڄائيندا رهندا، سياسي مخالفن کي ڪجهه پلئه نه پوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *