2018ع چونڊن جي تياري ۾ آهيون، پ پ ريڊ لائيٽ ڪراس ڪئي ته اسان به ڪنداسين، بلاول عمران نه بڻجي: خواجا سعد رفيق

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته ڌرڻي واري دوست کي چوندس ته ان جو ڪراچيءَ ۾ ڪو به مستقبل نه آهي، بلاول صاحب ڪراچيءَ سميت سڄي سنڌ تي ڌيان ڏئي، ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا سعد رفيق جو چوڻ هو ته عمران خان خيبرپختون خواهه تي ڌيان ڏئي، جيڪو شهر لاڪ ڊائون ڪندو ان جي سياست لاڪ ڊائون ٿي ويندي، ڌرڻا ٽو به جمهوريت خلاف سازش هئي، بدلاءُ سدائين ووٽ وسيلي ئي ايندو آهي، ڪنهن جي پيءُ جو نالو نه وٺو، اوهان ڪراچيءَ کي کنڊر بڻائي ڇڏيو آهي، سي پيڪ ۾ ريلوي جو حصو تمام سٺو آهي، ڪراچيءَ کي پشاور سان ڳنڍي رهيا آهيون، 55 لوڪو موٽو آمريڪا مان اچي رهيون آهن، اوهان وڏي وزير مراد علي شاهه کي ڪم ڪرڻ ڏيو، اسان کي سٺو ٿو لڳي جڏهن مراد علي شاهه ڪم ڪندو آهي، اوهان نه هوڏانهن جا نه ئي هيڏانهن جا رهندؤ، خواجا سعد رفيق پ پ چيئرمين کي مخاطب ڪندي چيو ته بلاول اوهان عمران خان بڻجڻ جي ڪوشش نه ڪريون، ايم ڪيو ايم کي ڪو ٻيو نقصان نه ٿو پهچائي سگھي، ان جي ليڊرن اُن خلاف محاذ بڻائي ڇڏيا آهن، ايم ڪيو ايم جا گھڻا ماڻهو اسان جا دوست آهن، جن ماڻهن الڳ ٿيڻ جو اظهار ڪيو اهي تعريف جوڳا آهن، 2018ع جي چونڊن جي تياري ڪري رهيا آهيون، پيپلز پارٽيءَ ريڊ لائيٽ ڪراس ڪئي ته اسان به ڪنداسين، پيپلز پارتيءَ سان اختلافن باوجود اها جمهوريت جي لاءِ خطرو نه آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *