2018ع تائين بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم نه ٿي سگندي: وفاقي حڪومت جو اعتراف

اسلام آباد(بيورو) پاڻي ۽ بجلي جي وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته حڪومت 2018ع تائين بجلي جي لوڊشيڊنگ تي ڪنٽرول نه ڪري سگهندي،موجودا حڪومت بجلي جي بلن ۾ مختلف قسمن جا 6 ٽيڪس لڳائي ڇڏيا آهن.سندس وڌيڪ چوڻ هو ته شهرن ۾ 6 ڪلاڪ،ٻهراڙي جي علائقن ۾ 8 ڪلاڪ جڏهن ته صنعتي علائقن ۾ ڪا به لوڊشيڊنگ نه پئي ٿئي.سندس چوڻ هو ته خودمختيار ڪمپنيون به 100 سيڪڙو بجلي پيدا نه ٿيون ڪري ڏين .پوري ملڪ جي بجلي لوڊشيڊنگ جو تفصيل ڏيندي خواجا آصف چيو ته شهري علائقن ۾ 6 ڪلاڪ ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ 8 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي،جڏهن ته ڪاروباري علائقن ۾ لوڊشيڊنگ روڪي وئي آهي.بجلي جي کوٽ کي مڃيدي وفاقي وزير چيو ته حڪومت 2018 ع تائين بجلي کوٽ پوري نه ڪري سگهندي،ڇاڪاڻ ته ڪو به بجلي گهر 100 سيڪڙو بجلي پيدا نه ٿوڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *