2017 جي پڄاڻي، 2018 جي شاندار آجيان، آتشبازي جو مظاهرو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ 2017ع جو آخري سِج لهي ويو آهي، جڏهن ته اڄ نئين سال جو سِج نين اميدن سان اڀرندو، سڄي ملڪ ۾ نئين سال جي آجيان شاندار آتشبازي سان ڪئي وئي،  2017ع پاڪستان کي ڇا ڏنو ۽ ڇا ورتو؟ ان تي هڪ نظر وجهون ٿا. هلندڙ سال پاڪستان جي سپريم ڪورٽ ۾ وڏا وڏا ڪيس آيا. نواز شريف ۽ جهانگير ترين کي نااهل قرار ڏنو ويو، اسحاق ڊار جو گهيرو به تنگ رهيو. پاڪستان پيپلز پارٽي جي گولڊن جوبلي ٿي، قانون واري وفاقي وزير زاحد حامد کي استعيفيٰ ڏيڻي پئي. پاڪ فوج پنهنجي ڪاميابين جو سلسلو جاري رکيو، آپريشن ردالفساد تحت ملڪي سرزمين تي ڏڦيڙ پيدا ڪندڙ عنصرن کي ٺڪاڻي لڳايو ويو، جڏهن ته ڪيترائي جوان شهيد ٿيا. ڪرڪيٽ جي ميدانن ۾ به پاڪستان لاءِ سٺيون خبرون آيون. پي ايس ايل جو فائنل لاهور ۾ ٿيو، جڏهن ته قومي ٽيم آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي فائنل ۾ روايتي مخالف ڀارت کي عبرتناڪ شڪست ڏئي ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو، ان سان گڏوگڏ دنيا جي مشهور رانديگرن جي ٻڌل ورلڊ اليون پاڪستان آئي، جنهن کانپوءِ سريلنڪن ٽيم پڻ پاڪستان جو رُخ ڪيو. پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ پهريون نمبر ماڻيو، جڏهن ته 2017ع شوبز جي ستارن لاءِ پڻ سٺو رهيو. لالي ووڊ فلمن باڪس آفيس تي سٺو بزنس ڪيو، جن ۾ ”پنجاب نهين جائونگي، نا معلوم افراد ٽو، يلغار“ ۽ ٻيون فلمون اڳڀريون رهيون.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *