2015 پاڪستان ۾ نين چونڊن جو سال آهي: عمران خان ، چونڊون صاف ۽ شفاف نموني ٿينديون: عمران

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان هڪ ڀيرو چيو آهي ته 2015 پاڪستان ۾ نين چونڊن جو سال آهي جيڪي صاف ۽ شفاف ٿينديون، ڌانڌلي جا ثبوت اسان وٽ موجود آهن، جوڊيشل ڪميشن ۾ پيش ڪنداسين، پوءِ ڪميشن جو فيصلو قبول ڪنداسين، ڪميشن قائم ٿيڻ تائين اسيمبلين ۾ نه وينداسين، حتمي فيصلو ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو ويندو، جيستائين ڪراچي ۾ سياسي جماعتن جي عسڪري ونگز خلاف ايڪشن نه ٿيندو امن قائم نٿو ٿي سگهي، هڪ انٽرويو ۾ هن جوڊيشل ڪميشن قائم ٿيڻ تي حڪومت سان ٿيل معاهدي تي عوام کي واڌايون ڏيندي چيو ته هي ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آهي هو جنهن اليڪشن کٽي ان به اعتراف ڪيو ته چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي، هن چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ 126 ڏينهن جو ڌرڻو نه هڻي ها ته ڪميشن نه ٺهي سگهي ٿا، هي ڪامياب رستن تي نڪرڻ جي ملي، هن چيو ته اسان وٽ جيڪي ثبوت آهن اهي جوڊيشل ڪميشن ۾ ويندا ۽ جيڪو فيصلو ايندو اسان قبول ڪنداسين، هن جوڊيشل ڪميشن قائم ٿيڻ تي اتفاق کي هڪ وڏو ڪارنامو ڪوٺيندي چيو ته ڪميشن وٽ سڀ اختيار هوندا، جيڪو هر لحاظ کان جاچ ڪندو ۽ ڪنهن به لاڳاپيل شخص کي گهرائي ان کان ثبوت گهري سگهي ٿو، جنهن ۾ ريرنگ آفيسر، پوليس اهلڪار ۽ ايجنسين جا ماڻهو شامل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *