2015ع ۾ ملڪ ۾ دهشتگردي جي 821 واقعن ۾ 558 ڄڻا مارجي ويا: گهرو وزارت

اسلام آباد(بيورو) گهرو وزارت سينيٽ جي اجلاس ۾ پنهنجي لکت واري جواب ۾ چيو آهي ته 2015ع جي دوران پوري ملڪ ۾ دهشتگردي جا 821 واقعا پيش آيا،جن ۾ 558 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته هڪ هزار زخمي ٿيا.ڊپٽي چيئرمين مولانا عبدالغفور حيدري جي صدارت هيٺ سينٽ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ گهرو وزارت پاران لکت واري جواب ۾ ٻڌايو ويو ته 2015ع جي دوران پوري ملڪ ۾ دهشتگردي جا 821 واقعا پيش آيا،جن ۾ 558 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته هڪ هزار زخمي ٿيا. هن وقت ملڪ ۾ 10 فوجي عدالتون ڪم ڪري رهيون آهن، جڏهن ته 11هين تي ڪم هلي رهيو آهي، فوجي عدالتن ۾ مقرر ججن بابت ڄاڻ ظاهر نٿي ڪري سگهجي. انساني اسمگلنگ جي حوالي سان لکت واري جواب ۾ گهرو وزارت چيو ته 2002ع کان هن وقت تائين ملڪ ۾ انساني اسمگلنگ جو شڪار ماڻهن جو انگ 4 هزار 522 آهي، انساني اسمگلنگ جي قانون مطابق اڄ تائين هڪ هزار313 ڏوهارين کي سزا ٿي چڪي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *