2014 جي آخري سج کي ڄامشوري ۾سول سوسائٽي، سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ اديبن پاران سنڌو درياهه جي پيٽ ۾ الوداع ڪيو

ڄامشورو (ڊ ر) سال 2014ع جي آخري سج کي سڄي ملڪ جيان ڄامشوري ۾ به سول سوسائٽي جي نمائندن، سياسي سماجي اڳواڻن سميت اديبن ۽ دانشورن المنظر پل تي پهچي سنڌو درياهه جي پيٽ مان الوداع ڪيو، جتي سال 2014ع جي ڪلورن، پشاور سانحي، ٿر ۾ ڏڪار سبب معصوم ٻارڙن جي موت، قومپرست ڪارڪنن جي عدالت کان مٿانهين قتلن ۽ دهشتگردي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي نئين سال ۾ دهشتگردي جي خاتمي، امن امان، وطن جي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ خاص دعائون گهريون ويون، المنظر پل وٽ درياهه جي هيٺئين پاسي کان حيدرآباد ۽ ڄامشوري سان تعلق رکندڙ اديبن، دانشورن ذوالفقار هاليپوٽو، پنهل ساريو، علي آڪاش، بدر سومرو، حاڪم چانڊيو، مشتاق ميراڻي، آزاد ميرواهي، مصطفيٰ ميراڻي، علي مراد چانڊيو، محبوب شاهه، حاجي خان سيال، ڄامشورو شهري ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن روشن برهماڻي، عرفان برفت، صادق بليدي، علي گل بليدي، رحيم جمالي، پ پ اڳواڻ عبدالرئوف راهمون، سنڌ دوست نيشنل فورم جي آسي ڀٽو، دليپ دوشي، مهراڻ ميمڻ، ديوان سهيل، راجا سنڌي ۽ ٻين سنڌو درياهه جي ڪناري ۾ آخري سج کي الوداع ڪيو ۽ سنڌو درياهه ۾ گلاب جا گل نڇاور ڪيا، جڏهن ته ميڻ بتيون ٻاري سنڌي قوم جي خوشحالي، ترقي، امن جي بحالي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ خاص دعائون گهريون ويون ۽ تقريبون منعقد ڪيون ويون، جن کي ناليوارن فنڪارن وقار ملاح، دانش منظور ٿهيم، افتخار سومرو، غلام عباس ٻٻر، يوسف چنا، منظور چانڊيو ۽ ٻين سرن جي ڀيٽا ڪري خوب داد حاصل ڪيو، ان موقعي تي سول سوسائٽي جي نمائندن، اديبن، دانشورن، صحافين، سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ فنڪارن ڳالهائيندي چيو ته سال 2014ع سنڌين لاءِ تمام ڏکوئيندڙ رهيو، جنهن ۾ اسان جي سنڌي نوجوانن کي اغوا ڪري انهن جا لاش ڏنا ويا، ٿر ۾ ڏڪار سبب سوين معصوم ٻارڙا توڙي رهواسي موت جي ور چڙهي ويا، سوڀو گيانچنداڻي، ڪومل ڀاٽيا سميت سنڌ جا ڪيترائي اديب ۽ دانشور وڇڙي ويا، جڏهن ته هن رياست اندر دهشتگردي ۽ طالبان  جي ظلم سبب پشاور جو واقعو پيش آيو، هنن اميد ڪئي ته ايندڙ سال 2015ع ملڪ ۽ قوم لاءِ سٺو ثابت ٿيندو، جنهن ۾ دهشتگردي  جو خاتمو ايندو، امن امان بحال ٿيندو، غريب ماڻهن کي اٽي، لٽي ۽ اجهي جي سهولت ملندي ۽ پيار، امن ۽ محبت جي پرچار ٿيندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *