2010 واري مها ٻوڏ کانپوءِ سنڌ جي حفاظتي بندن کي پنهنجي وسيلن تحت 6 فوٽ مٿي ڪيو آهي: وڏو وزير

گهوٽڪي(رپورٽر) ان کان اڳ وزيراعلى سنڌ سيد قائم علي شاهه آجياڻيو خطاب ڪندي چيو ته اسين وزيراعظم ميان نواز شريف جا ٿورائتا آهيون ته هُو ٻوڏ جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪهي آيو آهي. هن چيو ته 2010 واري مها ٻوڏ کانپوءِ سنڌ جي حفاظتي بندن کي پنهنجي وسيلن تحت 6 فوٽ مٿي ڪيو ويو آهي ته جيئن ٻوڏ کي روڪي سگهجي ان موقعي تي هُن وزيراعظم کي چيو ته فيڊرل فلڊ ڪميشن تحت سنڌ جي بندن جو مرمتي ڪم ڪرايو وڃي ته جيئن ٻوڏ کان هميشه لاءِ بچي سگهجي. ان موقعي تي اطلاعات ۽ آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير نثار احمد کهڙي وزيراعظم کي چيو ته درياءَ جي ٻنهي طرفن کان حفاظتي بندن کي حفاظتي اپائن تحت اسٽون پچنگ ڪرائي هميشه لاءِ سيلاب کي روڪيو وڃي ته جيئن ماڻهن جي زندگين ۽ سندن ملڪيتن کي بچائي سگهجي. ان کان اڳ سيڪريٽري آبپاشي سيد ظهير حيدر شاهه ۽ ڪمشنر سکر محمد عباس بلوچ وزيراعظم کي حفاظتي بندن جي ڪم ۽ ٻوڏ متاثرن کي سهولتون فراهم ڪرڻ متعلق تفصيلي بريفنگ ڏني. بعد ۾ وزيراعظم پاران ٻوڏ متاثرن ۾ امدادي سامان وراهيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *