2007ع کان 2008ع تائين جي فوجي مهم آپريشن رد الفساد ۾ بدلجي وئي آهي: آرمي چيف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا پاڪ برطانيا ”امن جي ڪوششن ۾ تجربن جي ڏي وٺ“ جي موضوع تي سيمينار کي خطاب ڪندي چيو آهي ته 2007ع کان 2008ع تائين فوجي مهم آپريشن رد الفساد ۾ بدلجي وئي آهي، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا خطاب ڪندي چيو ته پاڪستاني فوج دهشتگرديءَ، انتها پسنديءَ خلاف بي پناهه ڪم ڪيو آهي، آپريشن رد الفساد ملڪ ۾پائدار امن ۽ مضبوطيءَ جي لاءِ  آهي، جنرل قمبر جاويد باجوا جو چوڻ هو ته آپريشن رد الفساد ڏور رس امن جي قيام جي لاءِ ڀرپور انداز ۾ جاري آهي، برطانيا جي ليفٽينينٽ جنرل پيٽرڪ سينڊر پاڪ فوج، عوام جي قربانين کي ساراهيندي چيو ته پاڪ فوج جي قربانين پاڪستان ئي نه پر دنيا کي بچايو آهي، اجلاس ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر، سفارتڪار، ٿنڪ ٽينڪس ۽ يونيورسٽيءَ جي نمائندن کان سواءِ ٻين عملدارن به شرڪت ڪئي.36

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *