20 مئي کانپوءِ اسلام آباد اچڻ جو سڏ ڏيندس، نه ڪو ڪنٽينر توهان کي روڪيندو نه راڻا ثناءُ الله: پي ٽي آئي چيئرمين

ميانوالي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ميانوالي ۾ جلسي کي خطاب ڪيو، جنهن ۾ سندس چوڻ هو ته 20 مئي کانپوءِ ڪنهن وقت به اسلام آباد اچڻ جو سڏ ڏيندس، نه ڪو ڪنٽينر توهان کي روڪيندو نه راڻا ثناءُ الله روڪيندو. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جو جلسي کي خطاب ۾ چوڻ هو ته الله جو شڪر ادا ڪريان ٿو منهنجي قوم جي جاڳائي ڇڏيو، ميانوالي کان حقيقي آزادي جي تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪريان ٿو، 20 مئي کانپوءِ ڪنهن وقت به ڪال ڏئي سگھان ٿو، توهان کي ڪير نه روڪيندو، نه 18 قتل ڪرڻ وارو راڻا ثناءُ الله روڪيندو نه شهباز شريف. عمران خان چيو ته آئون پنهنجي قوم کي ڪڏهن به ڪنهن اڳيان جهڪڻ نه ڏيندس، جڏهن هي ڦورو مونکي نيازي چوندا آهن مونکي سٺو لڳندو آهي، جيستائين هي چور جيل نٿا وڃن انهن خلاف جهاد ڪندو رهندس. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته شهباز شريف چئي ٿو ته پنڻن کي غلامي ڪرڻي پوندي، شهباز شريف تون غلام آهين، اسان نه. عمران  خان چيو ته اڄ قوم هڪ ئي شي تي بيٺل آهي ته دوستي سڀني سان ڪنداسين پر غلامي ڪنهن جي به نه، هي عظيم قوم چورن جي غلام نه ڪندي، اسان ڪنهن به صورت ۾ ان چورن کي پاڻ تي مسلط ٿيڻ نه ڏينداسين، ڪوڙن کي چيلينج ڪريان ٿو دنيا ۾ ڪٿي به وڃو هڪ ئي آواز ايندو غدار ۽ چور. هن چيو ته هي جيڪا مافيا آهي انهن گذريل ڏينهن اسان جي ڪارڪن شهباز گل تي حملو ڪرايو، شهباز شريف اهو ماڻهو آهي جنهن جي دور ۾ سڀ کان وڌيڪ پوليس مقابلا ٿيا. عمران خان چيو ته اسلام آباد ۾ تاريخ جو سڀ کان وڏو عوامي سمنڊ اچڻ وارو آهي، هي ڦورن جو ٽولو ۽ انهن کي آڻڻ وارن جي سمجهندا هئا ته قوم ٿڪجي ويندي، قوم ته هاڻي تياري ڪري رهي آهي، پارٽي ته هاڻي شروع ٿي آهي. هن چيو ته اسلام آباد اچي هڪ ئي پيغام ڏيندس غلامي نامنظور، چونڊون ڪرايو، پنجاب ۾ اسان جي حڪومت لوٽن ۽ پئسن ذريعي ڪرائي وئي، شرم اچڻ گھرجي، ماڻهن پنهنجا ضمير وڪڻي پرڏيهي سازش کي ڪامياب ڪيو، انصاف جي ادارن کان پڇان پيو ته ڇا ان تي پاڻمرادو ايڪشن نه وٺڻ گھرجي ها؟ عمران خان سوال ڪيو ته دنيا جي ڪنهن ملڪ ۾ ٻڌو اٿو ته ڪو هڪ پارٽي جي ٽڪيٽ تي کٽي ۽ ٻي پارٽي وٽ وڃي؟ عدالتون 12هين وڳي کلي سگھن ٿيون ٿا ته چورن کي ڇو ڊس ڪواليفائي نٿو ڪري سگھجي؟ پي ٽي آءِ چيئرمين ڪارڪنن کي چيو ته ضمير فروش ڪنهن به تڪ ۾ اچن ته توهان کي انهن جو بندوبست ڪرڻو آهي، ان ضمير فروشن کي اهو سبق سيکارڻو آهي ته سموري حياتي ووٽ ۽ ضمير وڪرو ڪرڻ کان ڊڄن. عمران خان اهو به چيو ته جيستائين حق ۽ باطل، سچ ۽ ڪوڙ جو مقابلو ٿئي ته حق ۽ سٺائي جو ساٿ ڏيڻ الله جو حڪم آهي، نيوٽرل جانور هوندو آهي انسان نيوٽرل ناهي هوندو، جڏهن شينهن ڪنهن هرڻ جو شڪار ڪندو آهي ته باقي ڀڃي ويندا آهن ڇو ته هو نيوٽرل آهي. هن وڌيڪ چيو ته 20 کانپوءِ ڪنهن ڏينهن به اسلام آباد اچڻ جو سڏ ڏيندس ۽ اسلام آباد اچڻ جو مقصد رڳو هڪ ئي آهي ته فوري چونڊون ڪرايون وڃن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *