20هين قومي ايج گروپ جونيئر سوئمنگ چيمپيئن شپ 16 آڪٽوبر کان ٿيندي

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) 20 هين قومي ايج گروپ جونيئر سوئمينگ چيميپئن شپ ايندر مهيني 16 آڪٽوبر کان عديل خان سوئمنگ پول پشاور ۾ شروع ٿيندي جنهن ۾ سڄي ملڪ مان تيراڪ مختلف ڪيٽيگرين جي مقابلن۾ پنهنجي صلاحيتن جا جوهر ڏيکاريندا. خيبر پختونخواه سوئمنگ ايسوسيئيشن جي سيڪريٽري آصف اورڪزئي پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو آهي ته چيمپيئن شپ ۾ ميزبان خيبر پختونخواه سميت سنڌ، پنجاب، اسلام آباد، گلگت بلتستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ فاٽا مان 80 جي لڳ ڀڳ تيراڪ شرڪت ڪندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *